نصيرآباد/تربت(ن ع آ+عوامي آواز نيوز) بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ هٿياربندن ناڪابندي دوران هڪ گاڏي کي روڪي ان مان 7 مزدورن کي لاهي اغوا ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس ذريعن موجب اڱاري ڏينهن تربت جي علائقي ڪلاتڪ ۾ هٿياربندن ناڪابندي ڪري هڪ گاڏي کي روڪيو ۽ ان ۾ سوار 7 غير مقامي مزدورن کي زبردستي لاهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مقامي راهگير عبدالرازق مارجي ويو.پوليس ذريعن موجب واقعي جي ڪجهه دير بعد سورگ واري هنڌ تان هڪ غير مقامي مزدور جو گولين لڳل لاش هٿ آيو، جڏهن ته ٻين اغوا ٿيل مزدورن جي ڳولا جاري آهي.واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اغوا ڪندڙن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون جاري آهن.پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.خضدار ۾ هٿياربند سنڌ سان تعلق رکندڙ 3 ڄڻا اغوا ڪري ويا خبر موجب ڪالھ صوبي بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي ايمرجنسي فيلڊ اسٽنٽ پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ وارن کي ڪنيڊيگرٽ ڪمپني پروجيڪٽ مئنيجرآفتاب منگي ،سعيد الله اسسٽنٽ ليب ٽيڪنيشن ،عبدالله سولنگي ۽ ڊرائيور محي الدين کي گاڏي سميت اغوا ڪري فرار ٿي ويا سڀني جو تعلق سنڌ سان آھي واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز ڏوهارين جي پويان ويل آھن ڪمپني کي سيڪيورٽي خدشن ڪرڻ بعد پروجيڪٽ جو ڪم بند ڪيو ويو آهي.