جنتر منتر ۾ بادشاهه جا ڪپڙا

وسعت الله خان

سال 2014ع ۾ نريندر مودي جي چونڊ ڪاميابيءَ ۾ جتي اڊاني ۽ امباني جي سرمائي اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي پهريون ڀيرو آر ايس ايس ۽ بي جي پي جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جو ڀرپور استعمال ڪندي پنهنجو پيغام موبائل فونن ذريعي گهر گهر تائين پهچايو. ٽيڪنالاجي جي مدد سان مودي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي جلسن کي خطاب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن پنهنجي رياست گجرات جي صنعتي ترقي کي نموني طور پيش ڪندي اهو واعدو ڪيو ته اها ترقي سڄي هندستان تائين ڦهلائي ويندي. اهڙيءَ طرح "مودي آهي ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي” وارو نعرو ملڪ ۾ مقبول ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ بي جي پي کي زبردست چونڊ ڪاميابي ملي. پر آر ايس ايس جا تجربيڪار نظرياتي اڳواڻ ۽ مودي جي مهم جا ڊجيٽل معمار اندر ئي اندر ڄاڻندا هئا ته مودي عوام سان جوش ۾ جيڪي واعدا ڪري ويٺو آهي، انهن مان اڌ به پورا ٿي وڃن ته وڏي ڳالهه هوندي. تنهن ڪري واعدن ۽ حقيقت جي وچ ۾ موجود فرق کي لڪائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي.

پهريون قدم اهو کنيو ويو ته ميڊيا کي لالچ، دٻاءُ ۽ پئسي جي زور تي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي، جيئن عام ماڻهوءَ تائين صرف سرڪاري موقف پهچي. اڊاني ۽ امباني گروپن کي همٿايو ويو ته جيترا ٽي وي چينل ۽ اخبارون خريد ڪري سگهجن، خريد ڪيون وڃن. پيشه ور صحافين لاءِ اهڙا حالتون پيدا ڪيون ويون جو هو يا ته حڪومت جا ترجمان بڻجن، يا خاموش ويهي رهن، يا استعيفا ڏين، يا کين نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي جاءِ تي نظرياتي طور وفادار صحافي مقرر ڪيا وڃن. ٽي وي چينلن تي به اهڙي ئي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي. ڪيترن ئي اينڪرن کي هٽايو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي اهڙا ميزبان آندا ويا، جن جو ڪم حڪومت جي هر ناڪاميءَ کي وڏي ڪاميابي طور پيش ڪرڻ هو. عوام کي اهو يقين ڏياريو ويو ته مخالف ڌر جو ڪو وجود ئي ناهي، ۽ جيڪڏهن آهي به ته اها ڪنهن ڪم جي ناهي. نجات ڏيندڙ رڳو هڪ ئي شخص آهي.

ٻيو قدم اهو کنيو ويو ته بي جي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن سوشل ميڊيا، خاص طور تي فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي پنهنجو غلبو قائم ڪيو. سياسي مخالفن سان گڏ خاص طور تي مسلمانن خلاف نفرت ۽ زهر ڀري مهم هلائي وئي، جيئن هندو اڪثريت کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته هو اقليت کان خطري ۾ آهن ۽ کين پنهنجي حفاظت لاءِ مودي جو ساٿ ڏيڻ ضروري آهي. ان سان گڏ حڪومتي نااهلي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن کان عوام جي ڌيان کي هندو-مسلم تڪرار ڏانهن منتقل ڪيو ويو. چونڊن دوران اها مهم وڌيڪ تيز ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تشدد جو عنصر به شامل ڪيو ويندو هو، جيئن خوف کي ووٽن ۾ تبديل ڪري سگهجي. ٽيون قدم اهو کنيو ويو ته هندستاني مسلمانن کي پاڪستان سان ڳنڍي، پنهنجي ئي شهرين تي غداريءَ جو اجتماعي الزام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان مهم جي نتيجي ۾ هندستان، جيڪو آئين موجب هڪ سيڪيولر جمهوري رياست آهي، عملي طور هندو قوم پرستي واري رياست ۾ تبديل ٿيڻ لڳو، جتي اقليتن جا آئيني حق به ڪنهن احسان يا مهرباني وانگر پيش ڪيا وڃن ٿا. اهڙي رياست کي اقليتن جي ووٽن جي ضرورت نه هوندي آهي، تنهن ڪري سندن مسئلن کي ٻڌڻ به ضروري نه سمجهيو ويندو آهي.

چوٿون قدم اهو هو ته بيوروڪريسي، عدليه، سرڪاري ادارن ۽ تعليمي مرڪزن ۾ هندو قوم پرست سوچ رکندڙ ماڻهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو. خاص طور تاريخ جي نصاب ۾ تبديليون آڻي، ايندڙ نسل جي ذهن سازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيئن اهي مخصوص نظريي جا پيروڪار بڻجي وڃن. انهن پاليسين جي نتيجي ۾ مودي حڪومت کي اقتدار ۾ تيرهون سال هلي رهيو آهي. ايتري ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ جا پنهنجا نقصان به ٿيندا آهن. حڪمران پنهنجي ووٽ بئنڪ کي هميشه لاءِ پنهنجو سمجهڻ لڳندو آهي، مقبوليت کي دائمي سمجهڻ لڳندو آهي، ۽ اهڙن ماڻهن سان گهيرجي ويندو آهي، جيڪي هر وقت سندس تعريف ڪري چوندا رهندا آهن ته "توهان کان سواءِ ڪجهه به ناهي.”

ظاهر ۾ سڀ ڪجهه ڪنٽرول ۾ هوندي به حڪمرانن کي هميشه اهو خوف رهندو آهي ته متان حالتون هٿن مان نڪري وڃن. نتيجي ۾ هڪ کان پوءِ ٻيا سخت قانون ۽ جابراڻا طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن. اقتدار جي نشي ۾ مٿين سطح تي ويٺل ماڻهن جون اکيون بند ٿي وينديون آهن، جڏهن ته ننڍي توڙي وڏي ڪرپشن وڌندي ويندي آهي. احتساب ڪندڙ ادارا به پنهنجو وقار ۽ سهولتون بچائڻ لاءِ خاموش رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. مخالف ڌر جي آواز کي يا ته ميڊيا تائين پهچڻ نه ڏنو ويندو آهي يا پوءِ ان کي اهو چئي رد ڪيو ويندو آهي ته انهن جو ڪم رڳو شور مچائڻ آهي. ڪيترن ئي سالن کان لکين شاگرد رڙيون ڪري رهيا هئا ته امتحاني نظام مٿان کان هيٺ تائين ڪرپشن جو شڪار ٿي چڪو آهي. ويهن کان وڌيڪ شاگردن مايوسيءَ ۾ خودڪشيون به ڪيون، پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. آخرڪار شاگردن پاڻ ئي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو.

ڊينمارڪ جي مشهور ليکڪ هينس ڪرسچن اينڊرسن جي مشهور ڪهاڻي "بادشاهه جا نوان ڪپڙا” سڀني ٻڌي هوندي. ٻن ٺڳن بادشاهه کي يقين ڏياريو ته هو اهڙو نفيس لباس تيار ڪندا، جيڪو دنيا ۾ ڪنهن وٽ نه هوندو، ۽ اهو لباس رڳو سمجهدار ماڻهن کي نظر ايندو. بادشاهه اهو لباس پائي ورتو، پر کيس ڪجهه به نظر نه آيو. پوءِ به هن خاموشي اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ هو ته جيڪڏهن چئي ڇڏيندو ته لباس نظر نٿو اچي ته ماڻهو کيس بيوقوف سمجهندا. وزيرن کي به ڪجهه نظر نه آيو، پر هو به خاموش رهيا. ٺڳن پوءِ بادشاهه کي چيو ته اهڙو شاندار لباس عوام کي ضرور ڏيکارڻ گهرجي. بادشاهه خيالي لباس پائي جلوس ۾ نڪتو. ماڻهو لباس ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر ڪجهه به نه هو. پوءِ به بادشاهه جي رعب سبب سڀئي سندس تعريف ڪندا رهيا. اوچتو هڪ ننڍڙي ٻار بادشاهه کي ڏسي رڙ ڪئي: "بابا! بادشاهه ته اگهاڙو آهي.” پيءُ جلدي سندس وات تي هٿ رکيو، پر ڀرسان بيٺل هڪ عورت چيو، "ٻار ته صحيح ٿو چوي، بادشاهه واقعي اگهاڙو آهي.” بس پوءِ اها ڳالهه ماڻهن ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ته "بادشاهه اگهاڙو آهي.” دهلي جي جنتر منتر تي بيٺل شاگردن به اصل ۾ رڳو اهوئي ڪيو آهي؛ انهن اهڙي ئي خيالي پوشاڪ کي عوام آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو.

You might also like