شھدادپور(ن ع آ)سنڌ هاري ڪاميٽي پاران يادگار ڪاميٽي دادا علي بخش قمبراڻي جي تعاون سان انقلابي اڳواڻ ھارين لاءِ سڄي حياتي جدوجھد ڪندڙ ڪامريڊ دادا علي بخش شيدي جي ٽين ورسي شھدادپور پريس ڪلب جي سورهيه بادشاھ ھال ۾ ملھائي وئي ورسي تقريب جي شروعات سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، عوامي ورڪرز پارٽي صوبائي صدر قاضي علي نواز نظاماڻي، اظھر پٺاڻ،صحافي اسلم آزاد خاصخيلي، جي اڳواڻي ۾ ڪامريڊ داد علي بخش شيدي، جي آخري آرامگاه تي گلن جي چادر چاڙهي ڪئي وئي ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته سنڌ ۾ ھينئر حالتون تمام خراب آھن سنڌ جون نياڻيون اغوا پيون ٿين پريا ڪماري ۽ اجالا سولنگي اڃا تائين بازياب ناھن ٿيون سنڌ حڪومت پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس پاران تشدد جي مذمت ڪجي ٿي،هن چيو ته سنڌ جون زمينون، پاڻي، جبل، معدنيات ھر شئي سنڌ حڪومت وڪڻي ڇڏي آهي پنجاب حڪومت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو آهي پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي هن چيو ته وڏيرا ، ڀوتار، جاگيردار، مير پير سنڌ جي ماڻھن جو حق کسيو ويٺا آهن پر اسين خاموش نه ويهندا سين تقريب کي محمد ادريس بروھي،ميڊم رفيع گلاڻي، ڪامريڊ عبدالڪريم شر ،ڪامريڊ وجود شر ،عبدالله چانڊيو ،ايڊوڪيٽ طارق آرائين،علي نواز قاضي، اختر نظاماڻي،عالم لغاري،عابد رند، ڦوٽو مل ، صحافي مھدي پھنور،اسلم آزاد خاصخيلي، اظھر پٺاڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو ان موقعي تي قراردادون منظور ڪيون ويون ته پريا ڪماري سميت سنڌ ۾ اغوا ڪيل ٻارڙا فوري طور بازياب ڪرايا وڃن،سنڌو درياءُ جي پاڻي تي قبضو ختم ڪيو وڃي، جلالپور ڪئنال غيرقانوني آهي فوري بند ڪيو وڃي.سنڌ جي هارين ۽ مزدورن کي حق ڏنا وڃن. هارين جي اولاد کي ميرٽ تي سرڪاري نوڪريون ڏنيو وڃن.سنڌ حڪومت 2013ع ۾ ٽينسي – ايڪٽ ۾ هاري دشمني ترميم، ذريعي ڇيڙ، بيگار کي قانوني قرار ڏئي ۽ مشينري ذريعي پوکي راهي جنهن ۾ اڌ زميندار ۽ اڌ هاري ڏهاڙي ڀريندو هو اهو ختم ڪرڻ جي مذمت28 آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت، جاگرافيائي حدن، ناڻي ۽ سنڌو درياهه تي ڪنهن قسم جي يلغار ڪئي وئي ته ان يلغار جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ واري سازش تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿي.سنڌ بجيٽ 2026-27ع کي عوام دشمن، غريب دشمن قرار ڏيندي ان کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿي، عوام مٿان پيٽرول، ڊيزل، بُک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرايو ويو آهي، موجوده حڪومت عوام کي معاشي طرح سان ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.ڪارو ڪاري ۽ عورت جي قتل عام کي روڪيو وڃي، جاگيرداري سرمائيداري نظام ختم ڪيو وڃي.26 ۽ 27 ترميم ۽ پيڪا آرڊيننس کي مڪمل طور تي رد ڪندي انهن جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ مافيا جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي، چئيرمين جي مقرري کي مڪمل طور رد ڪندي مطالبو ٿي ڪري ته CC2024 جا امتحان رد ڪيا وڃن ۽ عدليا مان شفاف ڪردار جي مالڪ کي چيئرمين ۽ ميمبر مقرر ڪيو وڃي.سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي روڪيو وڃي. سنڌ جي ڪچي آبادي کي رجسٽرڊ ڪري سنڌ جي غريب ماڻهن کي مالڪاڻا حقوق ڏنا وڃن ورسي تقريب کي تنوير قمبراڻي، مھتاب ، شيزان ۽ ٻين قومي گيت ڳائي ورسي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا