فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات ۾ پائيدار علائقائي استحڪام جي بنياد طور معاشي ترقي، واپار جي واڌاري ۽ علائقائي رابطن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جي وفد جي ايڇ ڪيو ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. آمريڪي وفد ۾ رياست مونٽانا سان تعلق رکندڙ ايوان نمائندگان جي ميمبر ريان ڪيٿ زنڪي ۽ واشنگٽن سان تعلق رکندڙ مائيڪل جيمز شامل هئا.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال، ٻطرفي دفاعي ۽ معاشي سهڪار، ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل پاڪستان جي وسيع معاشي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو ته پائيدار علائقائي استحڪام جو بنياد معاشي ترقي، واپار جي واڌاري ۽ علائقائي رابطن ۾ موجود آهي.