اسان جي ملڪ جو نالو اسلاميه جھموريه پاڪستان آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اسان کي مڪمل آزادي آهي ته اسان پنهنجي عقيدي تي رھي زندگيءَ بسر ڪري سگھون ٿا. اسان کي حق حاصل آھي ته اسان ووٽ ڏئي پنھنجا نمائنده چونڊي سگھون ٿا، اسان پنهنجي مرضي آور حڪومت جوڙايون ٿا. اھي ئي اسان جا چونڊيل نمائنده اسان جا علاقائي توڙي جيڪي عام مسئلا آھن يعني ملڪ ۾ بيروزگاريءَ، بنيادي سھولتون، تعليم، سيوريج، روڊ رستا مھيا ڪرڻ، صحت جو عام ماڻهو تائين رسائي، صاف پاڻي مھيا ڪرڻ، گيس، بجلي جي ماڻهن تائين رسائي وغيره اسان جي حڪومت ۽ اسان جي چونڊيل نمائندن جي ذمي ۾ اچي ٿو. پر ھن جي برعڪس اسان جي حڪومت اگهور ننڊ ۾ پيل آهي، حڪومت ۽ حڪومتي ادارا گھڻي ڀاڱي عام ماڻهن کي بنيادي سهولتون مھيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. اسان جي حڪومت کي عام ماڻھن جي مسئلن سان ڪو سروڪار ناهي بس ھو پنھنجن خزانن جون تجوريون ڀرڻ ۾ ڪوشان آهن ته ڪيئن ھڪ عام ماڻهو جي رت جي ھڪ ڦڙي به ناھي ڇڏڻي ۽ ھر قسم جو بار صرف عوام جي ڪلھن تي رکڻو آهي.
ملڪ پاڪستان ۾ جيڪي به ادارا آھن ھو پنھنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، اھي ادارا ۽ چونڊيل نمائندن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ %80 ماڻهو غربت جي لڪير جي ھيٺيان زندگيءَ بسر ڪرڻ تي مجبور آھن. رياست عام ماڻهو جو صرف رت چوسڻ ۾ سرگرم آھي، غربت ختم ڪرڻ جا رياست جا پروگرام جنهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آھي، ھنر جي ذريعي نوجوانن لاءِ تربيتي پروگرامن کي به محدود ڪيو ويو آھي. دنيا جا مھذب ملڪ پنھنجي قوم کي پنڻ جو عادي نٿا ڪن پر ھنن کي اھڙا موقعا مهيا ڪن ٿا جنهن سان ھو خود ڪفيل ٿين، پر جتي حڪومت جا ناڪام پروگرام آھن جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ماڻھن کي پنڻ جو عادي بڻايو آھي. ڇا اھو بھتر نه رھندو ته اسين بنگلاديش وانگر عوام کي سکيا ڏئي ھنن جا بيروزگاري جا مسئلا حل ڪريون، ھن جي برعڪس رياست اھو دعوي ٿي ڪري ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي غربت ختم پيا ڪريون اھا غربت ختم نه پئي ٿئي پر توھان عوام کي خيرات ۽ پنڻ جو عادي بڻايو پيا.
اسان جي ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، ھڪ عام غريب ماڻهو اٽي جي لپ لاءِ سڪي پيو. اسان جي ملڪ ۾ ھر شيءِ جو بحران لڳو پيو آهي، بجلي جو بحران، گيس جو بحران، صاف پاڻي جو بحران، صحت جي سھولتن جي اڻ ھوند جو بحران. بجلي جو بحران جنرل پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿيو جيڪا اڃا تائين قابو کان ٻاھر آھي. حڪومت آءِ ايم ايف کي ترجيح ڏيندي عوام تي بجلي جا بل پئي اڇلائي، بجلي ايتري ته مھانگي ڪئي وئي آهي جو ھڪ عام ماڻهو ھنن وزندار بلن جي ڪري ذھني مريضن ٿي پيا آھن. ھاڻ اچو قدرتي گيس جي طرف، ڪنھن دور ۾ گيس جا بل ٻه سو کان مٿي نه ايندو ھو پر ھاڻ ھڪ عام ماڻهو جيڪو گھريلو صارف آھي ھن تي پنجن کان ڏھن ھزارن جا بل ٿا موڪليا وڃن. گيس جي بل ۾ رياست ايترا ته ٽيڪسز لڳائي ٿي جو ھڪ مزدور يا مڊل ڪلاس جو ماڻهو اھو برداشت نٿو ڪري سگھي، سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته گيس جو ميٽر به رياست کان اسان وٺون ۽ ان جو ڪرايو گورنمينٽ اسان کان ٿي وٺي. اوگرا جي طرفان فڪس چارجز ڇهھ سو کان پندرهن سؤ واري داداگري، ساڳئي ھي حالت بجلي جي بلن جي به آھي پي ٽي وي چينل جي فيس، پاڻي جي بل جي فيس ۽ ٻيا من موج جا ٽيڪس لڳائي عوام جو قتل پيو ڪيو وڃي. جنهن جو بل لکن ۾ اچي ٿو شايد ھنن جو ڪنيڪشن دوزخ کي ڏنل آھي. عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، سيوريج جو نظام ايترو ته تباھ آهي جو عام عوام کي گٽر جو ملاوٽ وارو پاڻي پياريو پيو وڃي. ھاڻ عوام صاف پاڻي پيئڻ لاءِ به پريشان آهي ھو مھانگن قيمتن تي صاف پاڻي جو انتظام به پاڻ ڪن پيا.اسان کان بجلي جي بل ۾ ته پاڻي جو به بل ورتو وڃي ٿو پر صاف پاڻي مھيا ڪرڻ ۾ رياست ناڪام ٿي چڪي آهي.
سو حڪومت عوام جو رت سڪائي ڇڏيو آهي اها ھر مد ۾ عام ماڻهو کان ٽيڪس وٺي ٿي پر جيڪڏهن ھڪ بجلي جو ٽرانسفارمر به سڙي ٿو ته ھن جو خرچ به ھتي جي رھائش پزير ماڻھن جي ڪنڌ ۾ وڌو ٿو وڃي.
رياست پنھنجون ذميواريون نٿي نڀائي، جيڪڏهن نڀائي ته عوام کي پنڻ پاڻي تي مجبور نه ڪري. نمائندا جيڪي چونڊجي وڃن ٿا ھو عوام جا نوڪر آھن پر ووٽ وٺي ھو مالڪ ٿيو پون پوءِ برساتي ماڪوڙن وانگر صرف برسات ۾ نظر ايندا آھن. عوام کي سنھرا خواب ڏيکاري پو ھن جا ڌڻي سائين ئي نٿا ٿين.
هاڻي حڪومت روز مھانگائي جو بم عوام تي اڇلي ٿي، ملڪ ۾ اٽو مھانگو، کنڊ مھانگي، پيٽرول چوٽ تي چڙهيل، اخلاقيات نالي ڪا شيءِ ناھي پر ھا اھو چوندا آهن ته اسان جو ملڪ ترقي جي راھ تي گامزن آهي. او ظالمو توھان ھڪ مزدور جيڪو مزدوري ڪري پنهنجي گھر ڀاتين کي ڪلو اٽي جو کارائيندو ھو اھو به توھان ڦري ورتو، پر اھي ئي اسان جا اسيمبلي جا نمائندا رياست کان مراعتون وٺن ٿا، ھنن جي بجلي مفت، پيٽرول مفت، ڪنوينس مفت، اعلي ليول جون پگھارون، اھي شيون مفت ڪرڻيون آهن ته عوام لاءِ ڪريو نه ڪي ھنن پيرن، زميندارن ۽ وڏيرن لاءِ.
حڪومت عوام کي ايترو ته بيزار ڪيو آھي جو ماڻهو غربت جي ڪري خودخشي ڪرڻ تي مجبور آھن. ھن مھانگائي جي ڪري سرڪاري ملازم به پريشاني جي حالت ۾ نڊحال آھن. ھر ڏينهن تي مھانگائي وڌي ٿي پر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪا واڌ نٿي ٿئي، سرڪاري ملازم ۽ ھڪ مزدور جي لڳ ڀڳ ساڳئي حالت آهي، مزدور ويچارو ست سو کان اٺ سو ڏهاڙي ڪمائي ٿو ھو ان مان گھر جو راشن وٺي، بيماري سيماري کي منھن ڏي، بجلي گيس جا بل ڀري، آخر ھو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي. او ظالمو توھان کي قدرت کان به ڊپ نٿو ٿئي، پنھنجن کيسن کي ڀرڻ وارو عوام کي ايترو پريشان نه ڪريو جو روزي محشر ۾ ٽنگيا پيا ھجو. ھي بدمعاشي بند ڪريو ۽ الله جي لٺ بي آواز آهي جڏهن توھان کي لڳندي ته خبر پوندي.
هاڻي حڪومت روز مھانگائي جو بم عوام تي اڇلي ٿي، ملڪ ۾ اٽو مھانگو، کنڊ مھانگي، پيٽرول چوٽ تي چڙهيل، اخلاقيات نالي ڪا شيءِ ناھي پر ھا اھو چوندا آهن ته اسان جو ملڪ ترقي جي راھ تي گامزن آهي. او ظالمو توھان ھڪ مزدور جيڪو مزدوري ڪري پنهنجي گھر ڀاتين کي ڪلو اٽي جو کارائيندو ھو اھو به توھان ڦري ورتو، پر اھي ئي اسان جا اسيمبلي جا نمائندا رياست کان مراعتون وٺن ٿا، ھنن جي بجلي مفت، پيٽرول مفت، ڪنوينس مفت، اعلي ليول جون پگھارون، اھي شيون مفت ڪرڻيون آهن ته عوام لاءِ ڪريو نه ڪي ھنن پيرن، زميندارن ۽ وڏيرن لاءِ.