وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو.
( شاهه)
سنڌ هميشه اديبن، شاعرن، صوفين، ولين، سنتن، ڀڳتن ۽ ڏاهن کي پنهنجي ڪک مان جنم ڏيندي رهي ٿي، انهن مان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هڪ آهي. شاهه سائين جي ڪلام جي مطالعي کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کان بدلي وٺڻ جو سوچيو نه هو ۽ خود غرضي ۽ بدنيتي کي برو ڪم قرار ڏنو اٿس، ڀٽائي جي ڪلام ۾ تشبيهن جو به ڪمال آهي ان عورتن کي وڌيڪ ڳائي انهن جي عظمت کي وڌايو آهي، جڏهن ته اڄوڪي نفرت جهيڙن ۽ جهڳڙن واري ماحول ۾ شاهه جي امن واري پيغام ۽ ڪلام کي عام ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي سندس شاعري ۾ جيڪو قوم لاءِ پيغام آهي اهو اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سست ۽ غافل ماڻهن کي هڪ هنڌ صلاح ڏيندي چوي ٿو، ته:
تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو.
(شاهه)
لطيف سائين تصوف کي پکيڙڻ، هندن مارواڙين ۽ اوڏن سان محبت جو اظهار ڪندي سڄي سنڌ جو پيادل سفر ڪيائين ۽ ماڻهن کي ٻڌايائين ته مسلم ۽ غير مسلم جا انساني ناتي جي حوالي سان حق برابر آهن، جنهن جي ثابتي سندس ڪلام “شاهه جو رسالو” آهي. پاڻ هڪ سادو ۽ محبتي انسان هو ۽ ان جي شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هن انسان دوست ۽ آدرشي شاعر ۾ هونديون آهن، چوندا آهن ته جڏهن دنبورو وڄندو هو ته شاهه صاحب ان جي ساز ۾ گم ٿي ويندو هو. تڏهن هڪ هنڌ ڀٽائي چوي ٿو ته:
تن تسبيح من مڻيا
دل دنبورو جن
سي ستائي سونهن
ننڊ عبادت جن جي.
(شاهه)
شاهه سائين تصوف ۽ صوفي ازم جو قائل هو، جيڪو مٽياري ضلعي جي هالا حويلي ۾ 1102هه مطابق 1689ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حبيب شاهه هو، جيڪو هرات جي سادات خاندان مان هو. هن کي راڳ سان ڏاڍي محبت هوندي هئي اهو گهڻو وقت مالڪ جي عبادت ۾ گذاريندو هو، انهيءَ موسيقي جي ساز تنبورو ايجاد ڪيو، جڏهن ته هڪ جاءِ لطيف سرڪار جي لاءِ شهباز پيرزادو لکي ٿو ته جدوجهد جو قائل اسان جو قومي شاعر لطف سرڪار پنهنجي ڪلام جو متن هميشه جدوجهد کي بڻايو آهي. هو جدوجهد جي سفر ۾ قربان ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ شاهه جي ڪردار بهادري ۽ وڏائي ۾ سرچشما رهيا آهن، جن جو مثال اوهان سورمين مان ٿي سمجهي سگهو ٿا ان لاءِ اچو ته شاهه صاحب جي تعليم کي سمجهون ۽ ان تعليم مان رهنمائي وٺي ان تي عملي قدم کڻيون، جڏهن ته لطيف سائين جي شاعري جو هڪ پهلو وطن پرستي ڏانهن راغب ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:
هلو، هلون ڪورئين نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
(شاهه)
شاهه جو رسالو دنيا جو هڪ بهترين ۽ هدايت جو ڪتاب آهي ان ۾ ته اهو بندي جو خدا سان محبت جو وڏي ۾ وڏو گيت آهي، جڏهن ته هڪ هنڌ ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر احسان دانش، شاهه صاحب بابت لکي ٿو ته: لطيف سائين سماج ۾ حق جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ سچائي جي قدر کي اتم ۽ اعلي ڄاڻي ٿو. هن ڪوڙ جو ڪارو ڪندڙ ان استحصالي طبقي کي نندي عام ماڻهو کي سچ ۽ سچائي جي اهميت جو احساس ڏياريو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اهو هڪ رستو آهي، جيڪو مشڪل ته آهي پر ازلي ڪاميابي عطا ڪري ٿو، ڀٽائي سچ ۽ سچائي کي اهڙي واٽ قرار ڏئي ٿو، جيڪا ماڻهو کي سماج ۾ مانائتو مقام عطا ڪري ٿي، شاهه هڪ عاشق کي به اهوئي چوي ٿو ته جڏهن محبوب جي اڳيان وڃين ته اهو ڌيان ۾ رکجان ته پلئه ۾ ڪوڙ نه هجئي پنهنجي اندر مان ڪوڙ ۽ ڪدورت کي ڪڍي ڇڏجان ورنه سڄڻ جي سامهون توکي شرمندو ٿيڻو پوندو. تون سچ جو سوداگر ٿي ۽ اهڙو وڻج وهائيج جنهن سان توکي سرخرو ئي ملي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته لطيف جي ڪلام جي هر سٽ ۾ مسئلن جو حل سمايل آهي، ماڻهن مان ساڙ، رنج ۽ عداوت ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽائي جي گهوٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو
انسان ذات ۽ امن سان پيار ڪندڙ هي عظيم شاعر اسان کي 14 صفر 1165هه مطابق 1752ع ۾ هميشه لاءِ ڇڏي ويو.