ڪشمير ۾ ن ليگ اميدوار هٿان پ پ ڪارڪن قتل ٿيو، ادارا ڪاٿي آهن: بلاول

مظفرآباد(ع آ نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي ايل اي 9 ڪوٽلي ۾ پارٽي ڪارڪن مختيار يونس جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، الزام لڳايو آهي ته فائرنگ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار پاران ڪئي وئي هئي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته خبر پئي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سردار عمير نعيم فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ پي پي جو ڪارڪن شهيد 2ٿيو. هن سوال ڪيو ته لاڳاپيل ادارا ۽ اليڪشن ڪميشن ڪٿي آهن ۽ اهي ڇا ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته سردار عمير نعيم ۽ سندو جي ساٿين جي کليل فائرنگ جي وڊيو ٻه ڏينهن اڳ سامهون آئي هئي، جيڪڏهن ان وقت ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ هڪ انساني جان نه وڃائجي ها. سندس چيو ته شڪست جي خوف سبب پيپلز پارٽي جا مخالف نامناسب طريقا اختيار ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن جي فائرنگ سبب پيپلز پارٽي جو هڪ ميمبر شهيد ٿيو آهي. ان دوران مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله چيو ته آزاد ڪشمير ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته پولنگ عام طور تي پرامن رهي سواءِ هن هڪ واقعي جي ۽ چونڊ انتظام بهتر طريقي سان ڪيو ويو.

You might also like