دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا احتجاج ٿيا آهن جن نه رڳو حڪومتن کي لوڏي ڇڏيو پر ملڪن جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو رخ پڻ بدلائي ڇڏيو. تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسجن ته سري لنڪا ۾ 2022ع دوران بدترين معاشي بحران خلاف عوامي تحريڪ ”اراگلايا (Aragalaya)“ جي نتيجي ۾ صدر گوٽابايا راجاپڪسا ملڪ ڇڏي اقتدار تان استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ ڪوٽا سسٽم خلاف شروع ٿيل شاگردن جي ملڪ گير تحريڪ بعد ۾ حڪومت مخالف احتجاج ۾ تبديل ٿي وئي. سخت عوامي دٻاءُ ۽ مظاهرن کان پوءِ شيخ حسينه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ فوجي هيليڪاپٽر ذريعي ملڪ ڇڏي ڀارت هلي وئي جتي هن پناهه ورتي. هن واقعي سان سندس لڳاتار 15 سالن ۽ مجموعي طور 20 سالن جي حڪمراني جو خاتمو اچي ويو.
عرب اسپرنگ (بھار): (Arab Spring)دوران تيونس، مصر ۽ ليبيا جهڙن ملڪن ۾ عوامي احتجاجن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اقتدار ۾ ويٺل حڪمرانن کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. عرب بهار 2010ع جي آخر ۾ وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عوامي احتجاجن جي هڪ وڏي تحريڪ هئي. هن تحريڪ جي شروعات تيونس مان ٿي جتي محمد البوعزيزي نالي هڪ نوجوان بيروزگاري غربت ۽ حڪومتي ظلم کان تنگ ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. ان واقعي کان پوءِ تيونس سميت مصر, ليبيا, يمن ۽ شام ۾ به احتجاج شروع ٿي ويا.
انهن تحريڪن جا سبب ڪجهه هي هيا: ڪيترن ئي ملڪن ۾ سالن کان فوجي يا خانداني حڪمرانن جي آمراڻي حڪومت هئي. ڪرپٽ حڪومتن ۾ وڏي پيماني تي بدعنواني ۽ اختيارن جو غلط استعمال ٿيندو هو. روزگار جا گهٽ موقعا ھئا مهانگائي ۽ عوام جي خراب معاشي حالت ماڻهن کي احتجاج تي مجبور ڪيو، جنهن کانپوءِ اهم تبديليون آيون ۽ باقائده نتيجا نڪتا مختصر طور ڳالهھ ڪجي ته عرب بهار جو مقصد آزادي، انصاف، جمهوريت ۽ بهتر زندگي حاصل ڪرڻ هيو پر مختلف ملڪن ۾ ان جا نتيجا مختلف نڪتا ھئا. ڏکڻ ڪوريا جي 1987ع واري جمهوري تحريڪ ھجي، (June Democratic Struggle) يا فلپائن جي ”پيپل پاور“ انقلاب ھجي دنيا هر هر اهو ڏٺو آهي ته جڏهن عوام خاص طور نوجوان متحد ٿي پرامن انداز ۾ پنهنجي حقن لاءِ اٿن ته تاريخ جا نوان باب لکي سگهن ٿا.
اهڙن ئي تاريخي مثالن جي فھرست ۾ هاڻي دهلي جي تاريخي احتجاج "جنتر منتر” جين_زي جي احتجاج کي به وڏي اهميت سان ڏٺو وڃي ٿو. جتي جين_زي (Gen Z) پنهنجي حقن، تعليم ۽ جوابدهي لاءِ اهڙو منظم آواز اٿاريو جنهن نه رڳو ڀارت پر سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ ثابت ڪيو ته تاريخ حڪمرانن جي محلن ۾ نه پر عوام جي جدوجهد مان لکي ويندي آهي، جتي عوام مار به کائيندو آھي، رت به وهائيندو آھي ته وڏيون قربانيون به ڏنيون وينديون آھن۽ جڏهن به ڪنهن قوم جا نوجوان پنهنجي حقن لاءِ، تعليم، انصاف ۽ روشن مستقبل لاءِ متحد ٿين ٿا ته پوءِ انهن جي آواز کي دٻائڻ آسان نه هوندو آهي. ڀارت جي راڄڌاني دهلي ۾ جنتر منتر اهڙو ئي هڪ تاريخي احتجاج بڻجي ويو جتي هزارين نوجوانن پنهنجي اتحاد، همت ۽ عزم سان دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو آھي.
ھن تازي احتجاج دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ورتي آھي. سوال صرف ھڪ ميڊيڪل پيپر جي ليڪ ٿيڻ جو نه ھيو مستقبل جو ھيو. جين_زي (Gen Z) سان تعلق رکندڙ هزارين شاگرد نوجوان تعليم سان لاڳاپيل معاملن ميرٽ شفافيت ۽ جوابدهي لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا. سندن چوڻ هو ته تعليم ڪنهن به قوم جو بنياد آهي ۽ جيڪڏهن تعليم جو نظام ڪمزور ٿيندو ته ملڪ جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو ۽ اسان اھڙو مستقبل نه ٿا چاھيون نامنظور! نا منظور! احتجاج ڪندڙن جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته تعليم واري وزارت پنهنجي ذميواري قبول ڪري ۽ نظام ۾ موجود خامين جو حساب ڏئي. جڏهن سندن آواز کي نظرانداز ڪيو ويو ته احتجاج وڌيڪ وسيع ٿيندو ويو. دهلي سميت مختلف علائقن مان نوجوان جنتر منتر پهتا ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏ بيهي اھو ثابت ڪيو ته گڏيل آواز ۾ وڏي طاقت هوندي آهي. احتجاج دوران پوليس طرفان لاٺي چارج ڪيو ويو، ڳوڙها گيس جا شيل فائر ڪيا ويا ۽ پاڻي هنيو ويو ته جيئن احتجاج ختم ڪرائي سگهجي پر نوجوانن جي حوصلي ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي. ڪنھن وقت ھو جذباتي ٿي وڙھي رھيا ھئا ته ڪنھن وقت مستي مذاق سان احتجاج مان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا جيڪي عجيب و غريب منظر سوشل ميذيا ذريعي پوري دنيا ڏٺا ويٺي.
هي احتجاج رواداري ۽ انسانيت جو به وڏو مثال بڻيو، مختلف شهرن ۽ علائقن مان ماڻهن احتجاج ڪندڙن لاءِ کاڌو پاڻي، دوائون ۽ ٻيو ضروري سامان موڪليو. ڪيترن رضاڪارن بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي خدمت ڪئي سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته احتجاج ۾ موجود ماڻهن جي وچ ۾ مذهب ذات پات، ٻولي يا علائقي جي بنياد تي ڪو به فرق نه هو. هرڪو پنهنجا پنهنجا مذهبي فرض به ادا ڪري رهيو هو. اتي هر ماڻهو صرف هڪ ئي سڃاڻپ باشعور شهري جي حيثيت سان نظر آيو. احتجاج دوران نوجوانن پنهنجي جدوجهد کي پرامن رکندي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو ۽ مختلف فني انداز ۾ دنيا کي به لطف اندوز ڪيو پر سندن پيغام دنيا تائين بي مثال انداز ۾ پھتو، هنن ثابت ڪيو ته تبديلي صرف نعريبازي سان نه پر شعور، اتحاد ۽ ثابت قدمي سان ايندي آهي ۽ آخرڪار عوامي دٻاءُ وڌڻ کان پوءِ ڀارت جي تعليم واري وزير استعيفيٰ ڏني جنهن کي دنيا نوجوانن جي جدوجهد جي هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو آھي. ان واقعي اهو ثابت ڪيو ته جڏهن نوجوان پنهنجي مقصد تي قائم رهن ۽ منظم طريقي سان آواز بلند ڪن ته سندن مطالبا نظرانداز ڪرڻ آسان نه هوندا آهن.
هاڻي اسان لاءِ به سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان جي مسئلن جو حل ڪھڙو آھي، ڇا اسان جا نوجوان به تعليم، ميرٽ، تحقيق، روزگار، انصاف ۽ قومي ترقي لاءِ اهڙي ئي سنجيدگي، اتحاد ۽ شعور جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ ڇا اسان اختلافن کان مٿي ٿي قومي مفادن لاءِ گڏ ٿي سگهون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي توانائي سوشل ميڊيا جي بحثن تائين محدود رکنداسين يا عملي ميدان ۾ به مثبت ڪردار ادا ڪنداسين؟ پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان آهي جتي نوجوانن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن هي نوجوان تحقيق ، ٽيڪنالاجي، تعليم، قانون جي پاسداري ۽ قومي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين ته پاڪستان کي ترقي جي نئين راهه تي آڻي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته قومن جي تقدير هٿيارن سان نه پر علم ايمانداري ۽ باشعور نوجوانن سان بدلجندي آهي.
سنڌ ته سنگين مسئلن جو گھر بڻجي چڪي آھي. سنڌ جا اهم مسئلا ميرٽ جي کوٽ، بيروزگاري، مهانگائي، غربت، پاڻي جي کوٽ، پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ، ڪرپشن، تعليم جو زوال، صحت جون ناقص سهولتون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي تي اٿندڙ سوال، امن امان جا مسئلا، ڌاڙيل فيڪٽر، ٻارن جي گمشدگي، زرعي بحران، لوڊشيڊنگ، گئس جي کوٽ،انفراسٽرڪچر جي خراب حالت،شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ترقي جي اڻبرابري،نوجوانن لاءِ محدود روزگار جا موقعا ۽ ماحولياتي گدلاڻ آهن.
سنڌ ۾ به انهن ئي ڏينھن ۾ احتجاج ٿيا پر انهن کي ڪا سٺي موٽ ناھي ملي، مثال طور سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي ڀرتين، نتيجن ۽ ميرٽ بابت احتجاج، ٻٻرلو ۾ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو، ليڊي هيلٿ ورڪرز جي نوڪرين، پگهارن ۽ سروس معاملن ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي بابت احتجاج ٿيا. مجموعي طور سنڌ ۾ هن وقت احتجاجن جو مرڪز ميرٽ، روزگار، امن امان، گم ٿيل ٻار، صحت جي شعبي جا مسئلا ۽ پاڻي جا حق آهن. احتجاج ڪندڙن جو مطالبو آهي ته حڪومت سندن مسئلن جو جلد ۽ شفاف حل ڪڍي پر نتيجو به نظر نه ٿو اچي آخر ڪھڙو ڪارڻ آھي، اھو پڻ ھڪ وڏو سوال آھي. باقي پاڙيسري ملڪ ۾ جنتر منتر احتجاج نه صرف اسان لاءِ پر قوم جي ھر فرد لاءِ هڪ اھم پيغام آهي ته نوجوان جيڪڏهن متحد ٿين باشعور ھجن ذميوار ٿين ته اھي ئي تاريخ جو رخ بدلائي سگهن ٿا
سنڌ جا نوجوان پنھنجا مسئلا ڄاڻين ٿا، ھو پڙھن ٿا، سياسي شعور به رکن ٿا پر متحد نه آھن. بهرحال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بلڊنگ اڳيان احتجاج جاري آھي، اسان وٽ نوڪريون پئسي جو معاملو بڻجي ويو آھي، مال تي مٺائي وارو ڪم پيو ھلي ۽ غريب شاگرد معجزي جي انتظار ۾ آھي پر آخر ڪيستائين!
اڄ سنڌ کي به اهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي جيڪي ذاتي مفادن کان مٿي ٿي سنڌ جي مستقبل بابت سوچين، علم جو ڏيئو بڻجي تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻائين ۽ ٻڌي سان پنهنجي وطن لاءِ عملي ڪردار ادا ڪن ڇاڪاڻ ته قومن جي تاريخ حڪمرانن کان وڌيڪ ملڪن جي باشعور نوجوانن جي هٿن سان لکي ويندي آهي.