سانگهڙ ۾ سوين ايڪڙ سرڪاري زمين جي مبينا الاٽمينٽ، نئون بحث شروع

سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) سانگهڙ جِي ديهه سم جئيندو ۽ ديهه اڪن واري ۾ 28 سئو ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين جِي مبينا الاٽمينٽ معاملي ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو، ظاهري طور تي معاملي جي تصديق نه ٿي سگهي، حر جماعت جي احتجاج، علائقي واسين جي بيانن ۽ سوشل ميڊيا تي معاملو اٿيو، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سرڪاري زمين ۾ چوٽياريون ڊيم جو منڍ وارو علائقو به شامل آهي، پراڻين تاريخن ۾ الاٽمينٽ وارين ڳالهين تي نوان بحث شروع ٿي ويو، سرڪار زمين مبينا طور بااثرن کي الاٽ ڪرڻ واري معاملي تي حُرجماعت پنج خليفن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري چڪي آهي، حُر جماعت جَي احتجاج ۽ زمينن جِي مبينا الاٽمينٽ وارو معاملو سامهون اچڻ باوجود سرڪاري سطح تي تصديق يا ترديد نه ٿي، 28 سئو ايڪڙ سرڪاري زمين ڪڏهن ۽ ڪنهن کي الاٽ ٿي؟ ان جا ظاهري ثبوت اڃا تائين منظر عام تي نه اچي سگهيا، ان سلسلي ۾ خانگي ٽي ويل سان ڳالهائيندي حر جماعت جي خليفن جو چوڻ آهي ته هي حر جماعت جو علائقو آهي، هتان جي زمين بااثرن کي الاٽ ڪئي وئي آهي، زمينن تي مقامي ماڻهن جو حق آهي، هي سوين سالن کان هتي آباد آهن، سندن مال متاھ، چراغان، قبرستان سڀ هتي آهن، سانگهڙ تعلقي اندر غير قانوني الاٽ ٿيل زمينن جي انڪوائري ڪرائي الاٽمينٽ رد ڪري ڪئي وڃي، حر جماعت جي چيف خليفي ڪليم الله وساڻ موجب زمين تي مقامي ماڻهن جو حق آهي، ٻڌايو ڇو نه ٿو وڃي ته زمين ڪنهن کي الاٽ ٿي آهي، چيف خليفي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي موجب ديهه اڪن واري ۽ ديهه جيئندو ۾ حر جماعت آباد آهي ۽ سندن چراگاهه آهن، مقامي ماڻهن جو حق آهي، ان سلسلي ۾ پروفيسر امر لغاري موجب هن خبر جي تصديق ٿيڻ گهرجي، الاٽمينٽ ٿي آهي يا نه ان بابت خبر ناهي باقي تاريخي طور مان ٻڌايان ته تاريخي طور هيءُ علائقو ناري جي حدن ۾ به آهي، سنڌ جو دفاعي زون به آهي، مقامي ماڻهن جا هتي چراگاهه به آهن.

You might also like