سنڌ ۾ ميرٽ جي نظام لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آفيس ويجهو ڌرڻو جاري

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ ميرٽ جي لتاڙ  خلاف ھلندڙ احتجاجي  تحريڪ انقلابي گيتن ۽ نعرن سان جاري آھي ٿڌي سڙڪ حيدرآباد تي ايس پي ايس سي جي آفيس سامھون لڳل احتجاجي ڪيمپ ۾ ڪالهھ چوٿين ڏينھن سون جي انگ ۾ شاگردن، وڪيلن ، اديبن ، سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪري ڌرڻي ۾ شامل ٿي نوجوانن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو. ڪيمپ تي شاھ لطيف جي شاعري سان گڏ شيخ اياز ، فيض احمد فيض جي انقلابي گيتن نوجوانن جي جذبن کي ھڪ نئون حوصلو ڏنو. ان موقعي تي فرمان علي ملگاني ، زبيع الله، فخرالزمان کوھارو، سڪيلڌو چانڊيو، حنيف جوکيو ، ڊاڪٽر طارق سھتو ، خطاب ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهھ آھي جو ھن اداري جي ساک بچائڻ ۽ ڪرپشن جي رستا روڪ ڪري ميرٽ جي لتاڙ بند ڪرڻ بجاءِ حڪومت شعور سمجهھ ۽ ميرٽ جي رستا روڪ ڪري رھي آھي ھنن چيو ته اسان جي ھن احتجاج کي سنڌ جي ھزارين نوجوانن جي حمايت حاصل آھي  جي انصاف نه ٿيو نتيجن جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري حقدارن کي حق نه مليو ته ھي تحريڪ ختم نه ٿيندي اسين حق ۽ سچ جي نئين تاريخ لکڻ وڃي رھيا آھيون ، احتجاج ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر تبسم چانڊيو انگ اکر ڏئي ميرٽ جي لتاڙ کي وائکو ڪيو ، ڪيمپ تي سڄو ڏينھن وفدن جي اچڻ جو سلسلو جاري رھيو وڪيلن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن رجسٽر تي لکت ۾ تاثرات لکي نوجوانن کي همٿايو ، ڪيمپ ۾ استاد بخاري ۽ آڪاش انصاري جي انقلابي گيتن جي جهونگار رھي نوجوانن سان يڪجھتي ڪندي سياسي اڳواڻن چيو ته ھي تحريڪ ماضيءَ جي آمريتن خلاف ھلندڙ تحريڪن جھڙا منظر پيش ڪري رھي آھي احتجاجي ڪيمپ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر واضع ڪيو ويو ته اسين 2024 جي تڪراري نتيجن کي قبولڻ لاءِ تيار ناھيون ھنن چيو ته ايس پي ايس سي ۾ ھر قسم جي مداخلت ختم ڪئي وڃي. ڪيمپ ۾ نوجوانن سان ڪراچي بار جي سيڪريٽري محمد ارشد شر ، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ ، اديب يوسف سنڌي، سليم چنا، احسان علي مھر ، ايڊووڪيٽ اعظم ڀٽي، غلام مصطفيٰ حاجاڻو ، شوڪت بروھي ۽ ٻين ملاقات ڪري سندن حمايت ڪئي

You might also like