ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي پاليسي ريٽ 11.50 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاليسي ريٽ ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته گذريل سالن دوران مهانگائي جو رجحان هيٺ رهيو آهي، جڏهن ته جولاءِ کان فيبروري تائين سراسري مهانگائي 5.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته مالي سال 2026 دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته مالي سال 2027 ۾ اهو جي ڊي پي جي حساب سان ٻُڙي کان هڪ سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
گورنر اسٽيٽ بئنڪ موجب، ڊسمبر 2026 تائين پرڏيهي پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻي جو مقدار 20.20 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته عالمي حالتن باوجود اهو اندازو برقرار آهي ۽ برآمدات توڙي ترسيلات زر معيشت جا اهم ذريعا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مالي سال 2027 دوران حڪومتي قدمن سبب برآمدات ۾ بهتري ايندي، جڏهن ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽن ۾ گذريل چئن مهينن کان هر مهيني لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ ڊالر اچي رهيا آهن.
جميل احمد چيو ته هلندڙ مالي سال دوران درآمدن ۾ واڌ ٿيندي، پر پرڏيهي ناڻي جا وهڪرا به بهتر رهندا.
هن ٻڌايو ته سڀ ادائيگيون ڪرڻ باوجود پاڪستان پنهنجي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته مالي سال 2027 دوران 21.5 ارب ڊالر جي پرڏيهي قرضن جي ادائيگيون به ڪرڻيون آهن.
You might also like