پشاور هاءِ ڪورٽ جو قائدِاعظم کي نادرا بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ قائداعظم نالي شهري کي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران نادرا بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار احمد ۽ جسٽس انعام الله خان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار هڪ واپاري آهي ۽ سندس سڃاڻپ ڪارڊ بنا سبب بلاڪ ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي نادرا جي ڊائريڪٽر ليگل موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار جو سڃاڻپ ڪارڊ شڪي هئڻ سبب بلاڪ ڪيو ويو آهي.
ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ درخواستگذار قائداعظم کي وڌيڪ جاچ لاءِ نادرا بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

You might also like