ٽرينيڊاڊ (ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز پاڪستاني اوپنر عبدالله شفيق کي گلوبل سپر ليگ مان رليز ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن هو پاڪستان ٽيسٽ ٽيم کي جوائن ڪري سگهي.
عبدالله شفيق گلوبل سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪري رهيو هو، جڏهن ته سندس جاءِ تي بنگلاديش جي بيٽر شميم حسين کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
عبدالله شفيق گيانا ۾ لاهور قلندرز لاءِ پنهنجو آخري ميچ کيڏي، جنهن ۾ هن گيانا ايمازون واريئرز خلاف 13 بالن تي 21 رنسون اسڪور ڪيون.
هو هاڻي ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو ۾ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم کي جوائن ڪندو، جتي کيس زخمي عبدالله فضل جي متبادل طور ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like