بابر اعظم وري ناڪام، چئن سالن دوران ٽيٽيهه ڀيرا بيٽنگ ڪرڻ باوجود به سينچري نه ڪري سگهيو!

ٽروبا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سينچري کانسواءِ 33 اننگزون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته سندس ڏهين ٽيسٽ سينچري جو انتظار وڌيڪ ڊگهو ٿي ويو آهي.
برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي، ٽروبا ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پهريون ٽيسٽ بابر اعظم جي ڪيريئر جو ڪپتان طور 21 ھين ۽ مجموعي طور 63 هين ٽيسٽ ميچ آهي.
پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ ڏهين نمبر تي موجود بابر اعظم هيل تائين 115 ٽيسٽ اننگزين ۾ 9 سينچريون اسڪور ڪيون آهن.
بابر اعظم پنهنجي پهرين ٽيسٽ سينچري 32 اننگزين کانپوءِ اسڪور ڪئي هئي، جڏهن ته سندس آخري ٽيسٽ سينچري ڊسمبر 2022ع ۾ ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف 161 رنسن جي اننگز هئي.
ان کانپوءِ گذريل 42 مهينن دوران بابر اعظم 33 ٽيسٽ اننگزين ۾ وڏي اننگز کيڏي نه سگهيو آهي.
ان عرصي دوران هن رڳو 5 ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ مجموعي طور 863 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته رڳو ٻن اننگزين ۾ ئي 100 کان وڌيڪ بال کيڏي سگهيو.

You might also like