موسميات کاتي اڄ کان سنڌ ۾ طوفاني مِينهَن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ اڄ تيز هوائن کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به اڄ هلڪي برسات يا ڦڙ ڦڙ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي ڊيرا غازي خان ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ به تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ندين نالن ۾ چاڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

You might also like