پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين پرويز بٽ لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين پرويز بٽ 84 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن جي ترجمان موجب اڳوڻو چيئرمين پرويز بٽ 84 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ ائٽمي پروگرام جي باني شخصيتن مان هڪ هو.

ترجمان موجب پرويز بٽ 2001ع کان 2006ع تائين پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن جو چيئرمين رهيو. سندس قيادت ۾ پاڪستان جي ائٽمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پروگرام کي نئين رخ ۽ ترقي ملي.

پي اي اي سي جي ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ ممتاز سائنسدان، انجنيئر ۽ قومي معمار کان محروم ٿي ويو آهي. پرويز بٽ جون قومي، سائنسي ۽ ائٽمي شعبن ۾ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

You might also like