دنيا جي طاقتور فوج باوجود ٽرمپ ايران جنگ ۾ ڦاسي پيو آهي:نيويارڪ ٽائمز

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جنگ ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ وٽس دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج موجود آهي.

نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ سمجهندا هو ته سندس اختيارن جي ڪا حد ناهي، پر هاڻي کيس ڪيترين ئي حدن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب هو وڌيڪ مايوسي ۽ پريشاني جو شڪار ٿي آهي.

آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته تازو عرصي دوران ٽرمپ پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ڇو ته سندس صدارت آهستي آهستي اهڙي جنگ ۾ ڦاسندي پئي وڃي، جنهن مان نڪرڻ جو هو ڪو رستو ڳولي نٿو سگهي. هنن 28 فيبروري تي ايران خلاف مڪمل جنگي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ ايران جي جوهري پروگرام کي فوري طور ختم ڪرڻ ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جا هدف مقرر ڪيا.

تنهن هوندي به 5 مهينا گذرڻ باوجود اهي هدف حاصل نه ٿي سگهيا آهن ۽ هاڻي ٽرمپ ايران خلاف ٻيهر وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائي شروع ڪرڻ کان هٻڪ محسوس ڪري رهيو آهي، ڇو ته آمريڪي انٽيليجنس ادارن جو اندازو آهي ته ايران ۾ اها حڪمت عملي ايتري اثرائتي ثابت نه ٿيندي.

نيويارڪ ٽائمز موجب صدر ٽرمپ وٽ ايران ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو واضح رستو موجود ناهي. هو فتح جي حڪمت عملي کانسواءِ هن تڪرار ۾ داخل ٿيو هو ۽ هاڻي عزت بچائيندي نڪرڻ جو رستو ڳولي رهيو آهي.

اخبار موجب هاڻي ٽرمپ سامهون ٽي وڏا رستا آهن: فوجي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪرڻ، معاشي دٻاءُ وڌائڻ يا فتح جو اعلان ڪري نڪري وڃڻ. انهن سڀني رستن تي تازن هفتن دوران غور ڪيو ويو آهي، پر مختلف سببن جي ڪري هر رستو ناقابل قبول نظر اچي رهيو آهي.

نيويارڪ ٽائمز موجب سڄي هفتي ايران ۾ وڏي فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪرڻ جا اشارا ڏيڻ کان پوءِ جمعي ڏينهن ٽرمپ پوئتي هٽي ويو.

اخبار موجب ٽرمپ جي اصل هٻڪ شايد اها آهي ته جنگ سبب آمريڪي ميزائل بچاءَ واري نظام جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن. هن مهيني 13 لڳاتار راتين جي حملن ۽ جوابي حملن کان پوءِ ڪجهه عملدارن موجب اهي ذخيرا انتهائي گهٽ سطح تي پهچي ويا آهن.

نيويارڪ ٽائمز جي هڪ ٻي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي صلاحڪارن جي خدشن کان پوءِ ٽرمپ ايران خلاف وڏي پيماني تي حملن جو منصوبو روڪي ڇڏيو. خدشن ۾ اهو به شامل هو ته جنگ وڌڻ جي صورت ۾ وچ اوڀر ۾ موجود هوائي دفائي گولا بارود جا اڳ ئي گهٽ ٿيندڙ ذخيرا خطرناڪ حد تائين ختم ٿي سگهن ٿا.

اپريل جي آخر ۾ نيويارڪ ٽائمز رپورٽ ڪيو هو ته جنگ دوران پينٽاگون 1,200 کان وڌيڪ پيٽرياٽ انٽرسيپٽر ميزائل استعمال ڪري چڪو هو، جن مان هر هڪ جي قيمت 40 لک ڊالر کان وڌيڪ آهي.

You might also like