ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ اڻڄاتل ماڻهن ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو.
هرنائي جي جابلو علائقي پان غر ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڌماڪيدار مواد استعمال ڪري ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور کي تباهه ڪيو، جنهن سبب علائقي ۾ لينڊ لائن فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي.
پوليس موجب حملي آورن ڊيلڪونه پوليس ٿاڻي جي عمارت کي به ڌماڪيدار مواد سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت کي نقصان پهتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي وقت ڊيلڪونه پوليس ٿاڻي ۾ ڪو به اهلڪار موجود نه هو.