ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مرڪزي خوراڪ واري وزير پرلاد جوشي تعليم واري وزارت جي واڌو چارج سنڀالي ورتي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، صدارتي آفيس هڪ اعلان ذريعي ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ ۽ پرلاد جوشي جي تعليم واري وزير طور مقرري جي تصديق ڪئي آهي.
مقرري جي تصديق کان پوءِ پرلاد جوشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، ”مان هن ذميواري کي فرض شناسي ۽ عاجزي واري جذبي سان قبول ڪريان ٿو. مان وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جي گذريل 12 سالن دوران ڪيتريون ئي تاريخي ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن.“