ماکي کي صحت لاءِ تمام گهڻو فائديمند قرار ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ قدرتي طور تي موجود مرڪب، ٽريس اينزائمز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس شامل هوندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو صبح جو خالي پيٽ نيم گرم يا سادي پاڻي ۾ ماکي ملائي پيئندا آهن، ۽ عام خيال اهو آهي ته هن عمل سان وزن گهٽائڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
عام خيالن جي ڀيٽ ۾ سائنس صحت بابت وڌيڪ متوازن نظر پيش ڪري ٿي. هاڻوڪي سائنسي تحقيقن جي نتيجن موجب، رڳو نيم گرم پاڻي ۾ ماکي ملائي پيئڻ کي وزن يا چرٻي گهٽائڻ جو حل نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ماکي قدرتي طور تي مٺي هوندي آهي ۽ ٻين مٺين شين وانگر ان ۾ به ڪيلوريون موجود هونديون آهن.
ان ڪري ماکي جو استعمال به مناسب مقدار ۾ ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري نيم گرم پاڻي ۾ هڪ چمچو ماکي استعمال ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ چمچي ماکي ۾ ڪيلوريز گهٽ هونديون آهن.
سائنسي تحقيقن موجب، صبح جو خالي پيٽ نيم گرم پاڻي ۾ ماکي ملائي پيئڻ هڪ سٺي عادت ضرور آهي، پر ڪو به هڪ مشروب انسان جو وزن گهٽائي نٿو سگهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وزن گهٽائڻ لاءِ متوازن غذا ۽ صحتمند طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ ضروري آهي.