عدم تحفظ جو شڪار عورتون عارضي محبت کي به حقيقي سمجهن ٿيون: قدسيه علي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز جي اڀرندڙ اداڪارا قدسيه علي جو چوڻ آهي ته جيڪي عورتون ننڍپڻ ۾ والدين جي محبت کان محروم رهنديون آهن، اهي عدم تحفظ جو شڪار ٿي عارضي محبت کي به حقيقي سمجهي قبول ڪري وٺنديون آهن.

اداڪارا قدسيه علي ۽ اداڪار عباس اشرف اعوان انهن ڏينهن ۾ ڊراما "ايڪ محبت اور" ۾ ماهِم ۽ فارس جا ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ڊرامي ۾ اهڙي ازدواجي رشتي جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، جتي هڪ عورت خود پسند مڙس سان زندگي گذارڻ تي مجبور هوندي آهي ۽ سندس روين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيندي آهي.

تازو ئي ٻنهي فنڪارن هڪ رسالي کي انٽرويو ڏيندي اڄ جي مردن ۽ عورتن جي روين بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

ڳالهه ٻولهه دوران عباس اشرف اعوان چيو ته منهنجي خيال ۾ مردن ۾ خود پسندي ۽ برتري جو احساس گهڻو ڪري والدين جي تربيت جو نتيجو هوندو آهي.

هن چيو ته والدين اڪثر پنهنجن پٽن کي اهو احساس ڏياريندا آهن ته اهي ٻين کان وڌيڪ بهتر آهن، خاندان جا اصل وارث آهن ۽ هر شيءِ تي انهن جو وڌيڪ حق آهي.

عباس اشرف موجب، جيڪڏهن والدين چاهين ٿا ته سندن پٽ ناڪاري خود پسند شخصيت جو شڪار نه ٿين، ته کين پٽن ۽ ڌيئرن ٻنهي جي هڪجهڙي تربيت ڪرڻ گهرجي ۽ ٻنهي کي برابر اهميت ڏيڻ گهرجي.

ٻئي پاسي قدسيه علي ان سوال تي پنهنجي راءِ ڏني ته ڪجهه عورتون رشتن ۾ پنهنجي ذات کي ڇو نظرانداز ڪري ڇڏينديون آهن.

You might also like