عوام لاءِ ڪا به ٺهندڙ شيءِ ڪو تحفو نه پر عوام جو حق هوندو آهي: بلاول ڀُٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام لاءِ ٺهندڙ ڪا به شيءِ عوام لاءِ تحفو نه هوندي، پر اها عوام جو حق هوندي آهي.

پنهنجي وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بسن، روڊن ۽ ايئرپورٽن جا واعدا ٻڌايا پيا وڃن. مان هر بس، هر روڊ، هر اسپتال ۽ هر ايئرپورٽ جي آجيان ڪريان ٿو.

هن چيو ته پيپلز پارٽي رڳو واعدا ناهن ڪيا، پر 3 هزار نون روزگار جا موقعا به رکيا آهن. مون پاڻ گذريل بجيٽ ۾ ميرپور ايئرپورٽ لاءِ رقم منظور ڪرائي هئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنهن اسٽيڊيم ۾ اسان جا مخالف تقريرون ڪري رهيا هئا، اهو به پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي ٺهيو هو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته مان ڪشمير جي عوام کي حقِ حڪمراني، حقِ ملڪيت ۽ حقِ روزگار ڏيارڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن ڪشميرين کي سندن حق ملي وڃن ته کين اهڙن تحفن جي ضرورت نه رهندي.

You might also like