آزاد ڪشمير جي محرومين جو ازالو رڳو ن ليگ ئي ڪري سگهي ٿي: مريم اورنگزيب

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي محرومين جو ازالو مسلم ليگ (ن) ڪري سگهي ٿي، مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن پارٽي اميدوارن کي ڪامياب بڻائين.

راولپنڊي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ماڻهو مريم نواز کان پڇن ٿا ته ڇا رڳو لاهور ۾ روڊ ٺهيا آهن؟ پنجاب اچي ڏسو، هر شهر ۾ روڊ ٺهيل آهن.

هن چيو ته روئڻ پٽڻ بدران نواز شريف جهڙا موٽر وي ٺاهي ڏيکاريو، روئڻ پٽڻ بدران شهباز شريف جهڙي ميٽرو سروس ٺاهي ڏيکاريو.

پنجاب جي سينيئر وزير چيو ته اڄ مظفرآباد جي روڊن تي گرين بسون هلي رهيون آهن، ۽ 18 مهينن دوران مريم نواز 2 لک ماڻهن کي پنهنجو گهر، پنهنجي ڇت ڏني آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز هڪ لک ٻارن کي ليپ ٽاپ ۽ 50 هزار ٻارن کي هونهار اسڪالرشپون ڏنيون آهن.

You might also like