وقت اچي ويو آهي ته وڏيرڪي نظام جو خاتمو آڻيو: خالد مقبول صديقي جو ٽنڊي الهيار ۾ خطاب

ٽنڊو الهيار(ويب ڊيسڪ)متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان جو جاگيرداراڻي ۽ وراثتي سياست سان ڪو به واسطو ناهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وڏيرڪي نظام جو خاتمو آڻيون.

ٽنڊو الهيار ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته عوام ئي اسان جي طاقت هئي ۽ عوام ئي اسان جي طاقت آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين چيو ته اسان جو جاگيرداراڻي ۽ وراثتي سياست سان ڪو به تعلق ناهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وڏيرڪي راڄ ۽ موروثي سياست جو خاتمو آندو وڃي.

هن اهو به چيو ته شهري آبادي جي ماڻهن سان پاڪستان هلي ٿو، اسان پنهنجي حقن تان دستبردار نه ٿينداسين.

خالد مقبول صديقي چيو ته اسان کي ٻيهر منظم ٿي، متحد ٿي 80 سالن کان هلندڙ ظلم جي راڄ کي ختم ڪرڻو آهي.

You might also like