اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا هاڻوڪا اگهه27 جولاءِ تائين برقرار رهندا.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، 27 جولاءِ تائين پيٽرول جي قيمت 335 رپيا 18 پئسا في ليٽر برقرار رهندي.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت 383 رپيا 46 پئسا في ليٽر به 27 جولاءِ تائين برقرار رهندي.
ذريعن موجب، گاسليٽ جي قيمت 301 رپيا 14 پئسا في ليٽر پڻ 27 جولاءِ تائين برقرار رهندي.