والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن گذريل رات 2 مسجدن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
نابلس شهر جي ڏکڻ ۾ واقع قصريٰ نالي ڳوٺ جي ميئر عبدالعظيم وادي ٻڌايو ته آبادڪارن ڳوٺ جي ڏاکڻي حصي ۾ تعمير هيٺ مسجد کي باهه ڏئي ڇڏي.
هن وڌيڪ چيو ته حملي آورن مسجد جي ڀتين تي عبراني ٻوليءَ ۾ نعرا به لکيا، جن ۾ ”بدلو“ وارو لفظ به شامل هو.
فلسطين جي مذهبي معاملن واري وزارت موجب، اسرائيلي آبادڪارن طولڪرم ڀرسان واقع ڳوٺ ڪور ۾ به هڪ مسجد کي باهه لڳائي ۽ ان جي ڀتين تي نسل پرستاڻي نعرا لکيا.
ياد رهي ته جمعي ڏينهن ڳوٺ تل ۾ اسرائيلي آبادڪارن ۽ فلسطينين وچ ۾ ٿيل جهيڙن دوران 4 فلسطيني شهيد ۽ 2 اسرائيلي مارجي ويا هئا.
اسرائيلي آرمي ريڊيو موجب، 2026ع جي شروعاتي 6 مهينن دوران آبادڪارن طرفان فلسطينين تي حملن ۾ 63 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن دوران اهڙا 660 واقعا پيش آيا، جڏهن ته 2025ع جي ساڳئي عرصي دوران انهن جو انگ 405 هو.
آڪٽوبر 2023ع کان هن وقت تائين والاريل اولهندي ڪناري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1185 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 250 ٻار به شامل آهن. صرف 2026ع ۾ هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 87 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان 21 ڄڻا آبادڪارن جي هٿان مارجي ويا آهن.