ايران آمريڪا خلاف جوابي ڪارروايون روڪي ڇڏيون!

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني فوج جي ترجمان محمد امر اڪرمينيا چيو آهي ته آمريڪا گذريل ٻن راتين کان حملا بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کان پوءِ ايران به پنهنجون جوابي ڪارروايون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

ايراني فوج جي ترجمان چيو ته آمريڪا گذريل ٻن راتين کان پنهنجا حملا روڪي ڇڏيا آهن. جيئن ته اسان جي حڪمت عملي مڪمل طور جوابي ڪاررواين تي ٻڌل هئي، تنهن ڪري اسان به پنهنجون جوابي ڪارروايون روڪي ڇڏيون آهن.

ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪي اختيارين ۾ ظاهر آهي ته اندروني اختلاف موجود آهن ۽ وٽن ڪا واضح حڪمت عملي ناهي.

هن ان حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن ۽ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سرگرمين جو حوالو ڏنو.

سندس چوڻ هو ته آمريڪي حڪمت عملي خود آمريڪي اختيارين لاءِ به واضح ناهي، جنهن جو اندازو خاص طور آمريڪي صدر جي بيانن ۽ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي قدمن مان لڳائي سگهجي ٿو.

هن خبردار ڪيو ته هي تڪرار اڳ ئي باب المندب جي سامونڊي لنگهه تائين پکڙجي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪا حملا جاري رکيا ته جنگ جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿي سگهي ٿو.

You might also like