واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ گڏيل چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين، ايران خلاف جنگ وڌيڪ تيز ٿيڻ ۽ آمريڪي هٿيارن جي ذخيرن بابت خدشن کان صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران ٻنهي اعليٰ عملدارن امڪاني فوجي ڪارروائي جي نتيجن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هوڏانهن لڳاتار لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين رات جي وقت هوائي حملن کان پوءِ آمريڪا جمعي جي رات ايران تي بمباري ۾ بظاهر عارضي وقفو ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي بچاءَ واري کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي ڪارروايون في الحال عارضي طور روڪيون ويون آهن. جيتوڻيڪ اهو واضح ناهي ته هوائي حملن ۾ وقفي جو بنيادي سبب هٿيارن جي کوٽ هئي يا ڪو ٻيو ڪارڻ.
ذريعن موجب جنرل ڊين ڪين اجلاس دوران خاص طور آمريڪي هٿيارن جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ امڪاني فوجي توسيع جي ناڪاري اثرن بابت خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب جنرل ڊين ڪين صدر ٽرمپ کي خاطري ڪرائي ته آمريڪي فوج موجود سڀني فوجي اختيارن تي ڪاميابي سان عمل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر ساڳئي وقت هن امڪاني نتيجن ۽ خطرن بابت به خبردار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي ذخيرن بابت ڳڻتي انهن ڪيترن ئي معاملن مان هڪ هئي، جن بابت اجلاس دوران صدر ٽرمپ کي بريفنگ ڏني وئي.
رپورٽ موجب اجلاس کان پوءِ صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪي عملدار ايران سان ڳالهيون جاري رکيو ويٺا آهن، پر هن خبردار ڪيو ته آمريڪي فوج پنهنجي بمباري واري مهم ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿي يا ان کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿي. ٻئي پاسي، نار واري علائقي جي ڪجهه ملڪن آمريڪي حڪومت کان ضبط ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته واشنگٽن مختلف امڪاني اختيارن تي غور ڪري رهيو آهي.
وائيٽ هائوس جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر اسٽيون چيُونگ هڪ بيان ۾ چيو ته صدر ٽرمپ هميشه ان موقف تي قائم رهيو آهي ته هو سفارتي حل کي ترجيح ڏين ٿا، پر جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز يا آمريڪي اتحادي ملڪن خلاف پنهنجون سرگرميون جاري رکي ٿو ته سڀئي اختيار اڃا به غور هيٺ رهندا.
هن وڌيڪ چيو ته ايران جي معيشت تي اثرائتين پابندين ۽ فوجي هدفن تي لڳاتار 13 ڏينهن تائين ڪيل حملن کان پوءِ تهران لاءِ وڌيڪ بهتر اهو هوندو ته هو ڳالهيون ڪري ڪنهن ٺاهه ڏانهن وڌي، ٻي صورت ۾ کيس ان جا نتيجا ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا.