ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان گنھور خان چيو آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال کي احتجاج جو ايترو ئي شوق آهي ته سڀ کان پهرين وفاقي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڏيکاري.سنڌ حڪومت جي ترجمان گنھور خان، سکديو هيمناني ۽ ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار علي شاهه، مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته گھنور خان چيو ته مصطفيٰ ڪمال وفاقي وزير هجڻ باوجود ڪڏهن به وفاق وٽ ڪراچي جي حقن لاءِ آواز نه اٿاريو. سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ وسيلي وسيلا صوبن کي ملندا آهن، جيڪي پوءِ ضلعن ۾ ورهايا ويندا آهن. وفاق سموري صوبي لاءِ وسيلا فراهم ڪندو آهي، نه ڪي ڪنهن هڪ سياسي جماعت کي خوش ڪرڻ لاءِ.ترجمان سنڌ حڪومت سکديو هيمناني چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻي ڪراچي جي حقن جي نه، پر مسلم ليگ (ن) جي ترجمان بڻجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي مسلسل وفاقي حڪومت جي بي ڌياني جو شڪار رهيو آهي، ۽ هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي ڪم ڪري رهي آهي ته هر شعبي ۾ بنيادن کان ٻيهر تعمير ڪرڻي پئجي رهي آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي صفن ۾ اتحاد برقرار نه رکي سگهي، اها ڪراچي کي ڇا متحد ڪندي؟ هن سوال ڪيو ته ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون ايم ڪيو ايم ڪنهن جي اشاري تي ڪري رهي آهي؟ ذوالفقار علي شاهه چيو ته ورهاست جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪرڻ ڪروڙين سنڌين جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي برابر آهي.