ٻٻرلوءِ ڌرڻي جا اڳواڻ 48 ڪلاڪن کان پوءِ آزاد، جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

سکر/خيرپور(نمائندن وٽان)ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران لڳايل ڌرڻي ۾ پوليس جي تشدد ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪيل پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ مغوي ٻارن جي وارثن کي پوليس 48 ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، وڪيلن پاران سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل آئيني پٽيشن واپس ورتي وئي، پوليس جي لاٺي چارج ۽ گرفتارين خلاف وڪيلن پاران داخل درخواست عدالتي ريمارڪس بعد نتيجي تي پهتي، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوي ٻارڙن جي بازيابي تائين پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويوته خيرپور جي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري، اُجالا سولنگي ۽ ٻين مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جاري پرامن ڌرڻي دوران گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيل پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ متاثر خاندانن جي وارثن کي لڳ ڀڳ 48 ڪلاڪن جي حراست بعد آزاد ڪيو ويو، آزاد ٿيندڙن ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس، لياقت جلباڻي، سردار سولنگي ۽ زاهد مڱريو سميت 7 ڄڻا شامل آهن، جن کي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات پوليس ڪارروائي دوران تحويل ۾ ورتو ويو هو جن کر دير رات جو آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي پوليس جي لاٺي چارج، مبينا تشدد ۽ اڳواڻن کي حراست ۾ وٺڻ خلاف وڪيلن ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي ۽ ايڊووڪيٽ غضنفر جتوئي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪئي هئي جنهن جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ذاتي طور پيش نه ٿيا، پر سندن فوڪل پرسنن نمائندگي ڪئي، ڊي ايس پي مير محمد دايو، ڊي ايس پي سٽي اربيلو سميجو ۽ ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ نور احمد لغاري عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ واقعي بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته پوليس تحويل ۾ ورتل اڳواڻن ۽ وارثن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. درخواست جو بنيادي مقصد پورو ٿيڻ سبب وڪيلن پٽيشن واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو، ٻئي پاسي پريا ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ سهڻي پارس اعلان ڪيو ته هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي، جنهن ۾ پوليس ڪارروائي، گرفتارين ۽ ان کان پوءِ واري صورتحال بابت سڄي سنڌ جي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو، هن واضح ڪيو ته پريا ڪماري سميت سڀني مغوي ٻارن جي محفوظ بازيابي تائين سندن پرامن احتجاجي تحريڪ ۽ جدوجهد جاري رهندي، جڏهن ته ايندڙ حڪمت عملي بابت پڻ اعلان ڪيو ويندو.

You might also like