ٽيپو سلطان جي اولاد سڏائيندڙ ڪن کولي ٻڌن، ڪراچي سنڌين جي آهي: صنعان قريشي

گهارو (ويب ڊيسڪ) گهاري ۾ جسقم اڳواڻ شهيد مشتاق احمد خاصخيلي جي 17هين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، الاهي بخش بڪڪ، سرور خشڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
۾ جسقم اڳواڻ شهيد مشتاق احمد خاصخيلي جي 17هين ورسي جي موقعي تي سوين ڪارڪنن شهيد مشتاق جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ورسي تقريب کي خطاب ڪندي صنعان قريشي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڄاڻي واڻي خراب ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نياڻين جي اغوا جا وڌندڙ واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن.
هن الزام هنيو ته رياست قومي تحريڪ ۾ڌڙابندي ڪرائي سنڌ جي ورهاست جا خواب ڏسي رهي آهي، جڏهن ته ٺٽي ۽ ٻين علائقن جي صنعتن ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪيا ويا آهن.
جسقم چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيڪي پاڻ کي ٽيپو سلطان جي اولاد سڏين ٿا، انهن کي واضح ڪريون ٿا ته”ڪراچي سنڌين جي آهي، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.“

You might also like