ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 27 جولاءِ تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ڪجهه ضلعن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ اڄ کان 27 جولاءِ تائين ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.
امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ رين ايمرجنسي ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي هر وقت متحرڪ ۽ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
سنڌ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، شهري ٻوڏ جو خدشو، وڏي وزير پاران رين ايمرجنسي ڊيسڪ قائم
You might also like