هفتيوار مهانگائي جي شرح 9.66 سيڪڙو وڌي وئي، ڀاڄيون، اٽو، بجلي ۽ ايل پي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

هاسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح سالياني بنياد تي 9.66 سيڪڙو وڌي وئي آهي.
پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) موجب، گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ هلندڙ هفتي ايس پي آءِ ۾ به 0.91 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب، مهانگائي ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ ڀاڄين ۽ ٻين جلدي خراب ٿيندڙ خوراڪي شين جا وڌندڙ اگهه ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ آهي، جنهن سبب ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا پڻ وڌي ويا آهن.
سالياني بنياد تي بجلي جي اگهن ۾ 22.79 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 74.13 سيڪڙو ۽ ايل پي جي جي قيمت ۾ 46.87 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته بصر، ٽماٽا، پٽاٽا، ڳائي ۽ ٻاڪري جي گوشت سميت ٻين ڪيترين ئي ضروري شين جون قيمتون پڻ وڌي ويون آهن.
اداري موجب، ٻارڻ جي مسلسل وڌندڙ اگهن نه رڳو گهريلو بجيٽ تي واڌو بار وڌو آهي، پر ٽرانسپورٽ جا خرچ به نمايان حد تائين وڌي ويا آهن.

You might also like