نيب جو بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ ساڍا 8 ارب رپين جي ادائيگين جي جاچ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين، ڊي جي نيب ڪراچي کي بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي سان لاڳاپيل جاچ شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
نيب ذريعن موجب، چيئرمين نيب، ڊي جي نيب ڪراچي کي بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ مبينا طور ساڍا 8 ارب رپين جي اڳواٽ ادائيگين واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران بي آر ٽي ييلو لائين رٿا ۾ ڪيل ساڍا 8 ارب رپين جي اڳواٽ ادائيگين جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته اها به جاچ ڪئي ويندي ته اڳواٽ ادائيگين کانپوءِ ڪهڙا ڪم مڪمل ڪيا ويا ۽ ڪهڙا رهجي ويا.
ياد رهي ته ٺيڪيدارن کي ساڍا 8 ارب رپين جي اڳواٽ ادائيگي ڪرڻ جي الزام هيٺ بي آر ٽي ييلو لائين ڪراچي جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like