رياٰض(ويب ڊيسڪ) ايران جي حمايت يافته يمني حوثين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سعودي عرب جي شهرن جيزان ۽ ينبع ۾ قائم سعودي آرامڪو جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو آهي.
حوثين جي فوجي ترجمان يحيى سريع ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته گروهه جيزان ۽ ينبع ۾ سعودي آرامڪو خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪيون ويون آهن.
ٻئي پاسي سعودي عرب حوثين جي ان دعويٰ تي اڃا تائين ڪو به باظابطا ردعمل جاري ناهي ڪيو.
حوثي باغين گذريل ڪجهه ڏينهن دوران سعودي عرب خلاف سامونڊي واپاري ناڪابندي جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهازراني تي ڪيئي حملا ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي.
ان سامونڊي ناڪابندي جي جواب ۾ سعودي عرب يمن جي بندرگاهي شهر الحديده ۾ حوثين جي ٺڪاڻن ۽ ويجهي ٻيٽ تي حملا ڪيا.
ان کان اڳ يوناني سيڪيورٽي ذريعن رائٽرز کي ٻڌايو هو ته سعودي عرب ۾ يوناني فوج جي انتظام هيٺ ائير ڊفينس سسٽم ڇنڇر ڏينهن يمن مان فائر ڪيل ٻه بيلسٽڪ ميزائل، جيڪي ينبع جي آئل ريفائنرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيا ويا هئا، هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي فضا ۾ تباهه ڪري ڇڏيا.
You might also like