قانون جي نالي ۾ مظلوم مائرن مٿان حڪومتي جبر

آزاد اي رحمان سپڙو

سنڌ جنهن کي سدائين امن جي ڌرتيءَ طور سڃاتو ويندو هو، تنهن کي  ظالم، ڦورو ٽولي ۽ بدديانت حڪمران طبقي گڏجي ظلم جي ننگري بڻائي ڇڏيو آهي؛ جتي هر روز عوام کي ڪنهن نه ڪنهن مظلوم سان ظلم جي نئين واردات ٿيندي نظر اچي ٿي. هي اهو ملڪ آهي جيڪو انگريزن کان آزاد ڪرائي ملڪ ۾ امن ۽ انصاف جو بول بالا ڪري عوام لاءِ کير جون نديون وهائي ڇڏڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر اهو ملڪ ڪجهه ئي وقت اندر مڪار، لوڀي ۽ ٺوڳي حڪمرانن جي ور چڙهي ويو. جن نالي ۾ عوام جي حقن جي تحفظ جون وڏيون ڪوڙيون دعائون ڪيون، پر حقيقي ۽ عملي طور تي مسڪين ۽ غريب عوام لاءِ زندگي عذاب بڻائي ڇڏي.

هن ملڪ ۾ عملي طور تي طاقتور طبقي جي اڳيان قانون ڄڻ ته هڪ غلام وانگر نچندو رهيو آهي ۽ ڪمزور لاءِ هر روز نئين قيامت برپا ٿيندي نظر اچي ٿي. حڪمرانن پاران زبان سان ته اهو چيو وڃي ٿو ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، پر هن جي عملي طور وڏي ۾ وڏي ڪوڙ جو ثبوت اڄ اهو به آهي ته هڪ طاقتور سردار جو پٽ جيڪڏهن ٿورو وقت گم ٿي ويو ته سرڪاري پوليس فورس ۽ ٻيا ادارا فوري طور تحرڪ ۾ اچي ان کي بازياب ڪراين ٿا.

ٻئي طرف وري پريا ڪماري، فضيلا سرڪي، ساحل ڪوريجو ۽ اجالا پروين سميت ڪيترن ئي والدين جا معصوم ٻارڙا سالن کان گم آهن. والدين ۽ سماج ۾ انسانيت جو درد رکندڙ ماڻهو ان سلسلي ۾ مڪمل طور تي پرامن رهندي آئيني حق استعمال ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا، ته انهن والدين کي انصاف پلئه وجهڻ بدران رياستي جبر جو مظاهرو ڪيو ويو. نه صرف انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو، پر زبان تي پاڪستان جا نعرا هڻندي عملي طور پاڪستان جي آئين جون ڌڄيون اڏائي ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي، جو ويتر انهن سڀني احتجاج ڪندڙن سميت ڪجهه والدين تي پڻ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن تي هر حساس ماڻهوءَ جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا آهن.

ڇا مظلوم طبقي کي هر روز نيون نيون عقوبتون ۽ عذاب ڏيڻ لاءِ دنيا جي نقشي تي هي ملڪ وجود ۾ آندو ويو هو؟

پوڻي صديءَ کان مٿي عرصو عوام عذاب ڀوڳي رهيو آهي ۽ حڪمران توڙي ٻيا سمورا طاقتور طبقا قانون جي نالي تي آئين ۽ قانون جو جنازو ڪڍي مسلسل قانون سان مذاق ڪري رهيا آهن. پهرين ڏينهن کان عوام کي بيوقوف بڻائي، هن مظلوم عوام جو استحصال ڪري ۽ ملڪ جي ادارن کي ڪمزور بڻائي، مسڪين ماڻهن کي ناحق جيلن ۾ بند ڪري عوام جي دلين ۾ پنهنجي ئي ادارن لاءِ نفرت پيدا ڪري رهيا آهن.

اڄ سماج ۾ اڪثر ڪري شعور جا دعويدار، قلمڪار، صحافي ۽ ٻيا مفاد پرست ٽولا توڙي طبقا، ڪي خوف کان ته ڪي وري حڪومت وٽ ماکي جي لار ڏسي پنهنجي مفادن جي حصول لاءِ اکيون ٻوٽي، انڌا بڻجي جي حضوري ۽ بيضميريءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته قبرستانن ۾ انهن ماڻهن جون قبرون به موجود آهن جيڪي موت جي خوف کان ڊڄي ظالمن سان گڏ بيٺل رهيا، ۽ انهن کي به هٿين خالي ان قبرستان ۾ دفن ٿيندي ڏٺو ويو آهي جيڪي ڌن ۽ دولت کي پنهنجو دين ۽ ايمان سمجهي، جائز توڙي ناجائز طريقن سان قارون وانگر خزانا گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳل هئا. ها! پر اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته وقت ۽ تاريخ انسان کي هن دنيا ۾ پنهنجي ڪردار سان ئي ياد رکندي آهي.

پريا ڪماري، فضيلا سرڪي، ساحل ڪوريجو ۽ اجالا پروين سميت ڪيترن ئي والدين جا معصوم ٻارڙا سالن کان گم آهن. والدين ۽ سماج ۾ انسانيت جو درد رکندڙ ماڻهو ان سلسلي ۾ مڪمل طور تي پرامن رهندي آئيني حق استعمال ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا، ته انهن والدين کي انصاف پلئه وجهڻ بدران رياستي جبر جو مظاهرو ڪيو ويو. نه صرف انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو، پر زبان تي پاڪستان جا نعرا هڻندي عملي طور پاڪستان جي آئين جون ڌڄيون اڏائي ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي، جو ويتر انهن سڀني احتجاج ڪندڙن سميت ڪجهه والدين تي پڻ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن تي هر حساس ماڻهوءَ جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا آهن.

You might also like