آڇ سان گڏ وڏي اپيل، شاگردن جي احتجاج ۾ سلمان خان جي به مداخلت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ڀارت ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجو احتجاج ختم ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي وڃن.

سلمان خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته شاگردن جي تعليم ۽ سندن سلامتي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري کين پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هن معاملي تي اڳ ئي بيان ڏئي چڪو آهي ۽ کيس يقين آهي ته امتحاني پرچو ليڪ ڪرڻ جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن شاگردن کي اپيل ڪئي ته هو احتجاج ختم ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن واپس هليا وڃن.

اداڪار سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ کي به اپيل ڪندي چيو ته احتجاج کي وڌيڪ نه وڌايو وڃي ۽ جيڪڏهن مستقبل ۾ ضرورت پئي ته ٻيهر به آواز اٿاري سگهجي ٿي.

هن سونم وانگچڪ کي بک هڙتال ختم ڪري کاڌو کائڻ جي اپيل پڻ ڪئي ۽ پنهنجي گهر مان کاڌو موڪلڻ جي آڇ به ڪئي.

ٻئي پاسي بالي ووڊ اداڪارائن اننيا پانڊي ۽ سارا علي خان امتحاني پرچو ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيا.

اننيا پانڊي چيو ته نئون نسل ناانصافي کي معمول سمجهي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. شاگرد ڪنهن رعايت لاءِ نه، پر انصاف جي گهر ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته سارا علي خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته شاگرد ملڪ جو مستقبل آهن، سندن حوصلي ۽ عزم کي ساراهيو وڃڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت شاگردن کي انصاف فراهم ڪندي.

You might also like