لنڊن (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تصديق ڪئي آهي ته 2027ع جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) جو فائنل تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ بدران لنڊن جي دي اوول ۾ کيڏيو ويندو.
آءِ سي سي موجب، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل 9 جون کان 13 جون 2027ع تائين اوول گرائونڊ تي ٿيندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي گذريل سال انگلينڊ کي 2027، 2029 ۽ 2031 واري ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنلز جي ميزباني جا حق ڏنا هئا، جڏهن ته هر ايڊيشن لاءِ ميزبان گرائونڊ چونڊڻ جو اختيار انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سِي بِي) وٽ آهي.
رپورٽن موجب، اميد ڪئي پئي وئي ته 2027ع جو فائنل به لارڊز ۾ ٿيندو، پر انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ان جي بدران دي اوول کي ميزباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان فيصلي جو هڪ اهم سبب لارڊز جي پچ بابت پيدا ٿيل خدشا آهن.
گذريل مهيني انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيل ٽيسٽ ميچ جي پچ کي غير تسلي بخش قرار ڏيڻ تي آءِ سي سي پهريون ڀيرو لارڊز کي ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏنو هو.
هي ٻيو ڀيرو هوندو جو دي اوول ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ميزباني ڪندو.
ان کان اڳ 2023ع جو فائنل به هتي کيڏيو ويو هو، جنهن ۾ آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏئي عالمي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027 جو فائنل لارڊز ۾ نه ٿيندو، آءِ سي سي نئين وينيو جو اعلان ڪري ڇڏيو
You might also like