ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽو پوليس جي ڳوٺ عارب سولنگي ۾ ڪھري ڪاروائي، رات جي اونداھي ۾ ڪاھ، سمورو ڳوٺ ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو، متاثر ڳوٺاڻن جون دانھون، سياسي سماجي ڌرين ۽ ڳوٺاڻن جو پوليس جي بربريت خلاف 3 ڪلوميٽرن تائين پيادل مارچ، زوردار نعريبازي. 3 ڏينهن اڳ عدالتي حڪم تي پهتل پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ گذريل رات دير سان ٺٽو پوليس جي وڏن اٽالن اي ايس پي ٺٽو عبدالله افضل جي اڳواڻي ۾ 200 کان وڌيڪ پوليس نفري سان گڏ هيوي مشينري آڻي هوائي فائرنگ ڪري خوف و حراس ڦھلائڻ کانپوءِ تڪراري زمين واري حصي جي گهرن کان علاوه 80 سالن کان قائم ڳوٺ عارب سولنگي جي سمورن ڳوٺاڻن جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڳوٺاڻن کي پنھنجي ئي گھرن مان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته ڳوٺ عارب سولنگي ۾ سنڌ حڪومت پاران پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت 17 گهر ٺاھي ڳوٺاڻن کي ڏنا ويا ھئا جن کي پڻ پوليس مسمار ڪري ڇڏيو آھي. ڳوٺ عارب سولنگي ۾ سينيئر صحافي علم دوست شخصيت حاجن سولنگي پاران قائم ڪيل لائبريري کي به ڊاهي ڪتابن کي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پوليس جي خوف و حراس سبب مرد ڳوٺ خالي ڪري ويا، عورتون جون دانهون ۽ رڙيون، ڳوٺاڻن موجب سندن گهرن مان پوليس اهلڪارن گهريلو سامان سونا زيور روڪ رقم پنکا، پئسا سميت سمورو سامان کڻڻ سان گڏ عورتن جون ڪڪڙيون ۽ چوپايو مال به پوليس سان پاڻ سان گڏ کڻي وئي اھي، ھنن چيو ته شاول مشين سان پوليس گردي ڪندي گهرن کي ڊاهي آثار ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻا ھن وقت کليل آسمان هيٺ سخت گرمي ۾ بي يارو مددگار بڻيل آھن. پر سندن ڪير به سار لھڻ وارو ناھي، چونڊيل نمائنده به خاموش تماشائي بڻيل آھن. ٻئي پاسي پاران ڳوٺ عارب سولنگي ۾ سمورن گھرن کي ڊاھڻ واري عمل خلاف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين سخت ردعمل ظاھر ڪندي پوليس جي ڪاروائي خلاف ڳوٺ عارب سولنگي جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن سان گڏ ڳوٺ عارب سولنگي کان پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ ٺٽو سجاول قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتو، جتي احتجاج مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. مارچ جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جو وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر عبدالرزاق چانڊيو، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، سينيئر وڪيل اشرف سمون، پريس ڪلب ٺٽو صدر اقبال جاکرو، سينيئر صحافين حاجن سولنگي، محبوب بروھي، قومي عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، سماجي اڳواڻ محمد حسن سمون ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. احتجاجي ڌرڻي کي جسم اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، سيد جلال شاھ، اقبال جاکرو، محبوب بروھي، وڪيل اڳواڻن اشرف سمون، پنھون عقيلي، سولنگي برادري جي سردار زبير سولنگي، سماجي اڳواڻ جاويد سمون، پ پ اڳواڻ حاجي گل محمد سمون ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٺٽو پوليس عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪندي ڳوٺ عارب سولنگي جي ڳوٺاڻن سان بربريت قائم ڪئي آھي، پوليس جي اھڙي ڪاروائي جي نه رڳو مذمت ڪريون ٿا پر ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائڻ سان گڏ عدالت ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي. ھنن چيو ته ڳوٺ عارب سولنگي جا رھواسي ھڪ صدي کان ڳوٺ آباد ڪري رھي رھيا آھن، جن کي پنھنجو حق ملڻ گھرجي پر ٺٽو پوليس ونگارو بڻجي سڄو ڳوٺ ئي ڊاھي مسمار ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته متاثر ڳوٺاڻن کي ڪنھن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، سندن ھر ممڪن مدد ڪئي. ويندي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پڻ پوليس جي ڪاروائي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.