اسلام آباد (بيورو) حڪومت لڳاتار روزاني بنياد تي ٽئين ڏينهن پيٽرول ۽ چوٿين ڏينهن هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا 40 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ نئين قيمت 331 رپيا 52 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي، ساڳئي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 62 پئسا واڌ ڪئي وئي جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 378 رپيا 66 پئسا في ليٽر ٿي وئي، نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون هڪ ڏينهن لاءِ 12هين وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويون، واضح رهي ته حڪومت علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين روزاني بنيادن تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ان تحت اوگرا وزيراعظم يا وفاقي حڪومت جي منظوري کانسواءِ روزاني اگهن جو اعلان ڪندي پئي اچي.