سنڌ ۾ ملازمن لاءِ وڏي رليف پئڪيج ۽ پاسڪو کان ساڍا 6 لک ٽن ڪڻڪ خريداري جي منظوري

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاليسي، گورننس ۽ ترقياتي قدمن جي هڪ وسيع پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي،سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي صحت انشورنس پروگرام جي مدي ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ، پاڻيءَ سان لاڳاپيل معاملن، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) بابت معاملن لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورسز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪابينا ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته سرڪاري ملازمن جي صحت انشورنس پروگرام ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي مسئلن، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان لاڳاپيل معاملن تي خصوصي ٽاسڪ فورسز جوڙيون وينديون. سندس چوڻ هو ته انهن شعبن جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ۽ انهن جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ پاليسي فيصلا ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪابينا منشيات سان گڏ گٽڪي ۽ مين پُڙي جي تياري، وڪري ۽ آمدرفت خلاف سخت قانونن جي منظوري ڏني آهي. ان مقصد لاءِ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي کي اختيار ڏنا ويندا، ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي ويندي ۽ سڄي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته گٽڪي ۽ مين پُڙي جي واپار ۾ ملوث عنصرن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون وينديون.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاسڪو کان 6 لک 65 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي، جڏهن ته وڌيڪ 5 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي ويندي، جنهن سان ذخيره اندوزن کي وڏو نقصان پهچندو. هن پنجاب طرفان ڪڻڪ جي بين الصوبائي آمدرفت تي لاڳو پابنديءَ جي مذمت پڻ ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ڪابينا چين ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت جي به منظوري ڏني آهي، جيئن چين ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجن. ان کانسواءِ ڪنري مرچ منڊي لاءِ 22 ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ، ايف ڊبليو او ذريعي ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي واٽر لائين منصوبي جي تڪميل، ڊملوٽي پائيپ لائين منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت جي منظوري ۽ 400 ايڪڙن تي مشتمل جديد ٽرڪ اسٽينڊ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جنهن سان شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته وڏي وزير سنڌ طرفان سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي رليف پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 2022ع جي منجمد بنيادي پگهار تي 2 سيڪڙو ڊفرينشل الائونس جي منظوري ڏني آهي، جنهن جو اطلاق پهرين جولاءِ 2026ع کان ٿيندو. اهڙيءَ طرح سمورن صوبائي سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ پڻ منظور ڪئي وئي آهي.ھن چيو تھ گريڊ 1 کان 4 تائين جي ملازمن جو ڪنوينس الائونس 1,785 رپين مان وڌائي 2,678 رپيا، گريڊ 5 کان 10 تائين جو 1,932 مان وڌائي 2,898 رپيا، گريڊ 11 کان 15 تائين جو 2,856 مان وڌائي 4,284 رپيا ۽ گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن جو ڪنوينس الائونس 5,000 مان وڌائي 7,500 رپيا ماهوار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خصوصي ماڻهن لاءِ اسپيشل ڪنوينس الائونس به 6 هزار مان وڌائي 10 هزار رپيا ماهوار ڪيو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته ڪابينا طرفان منظور ڪيل سمورا الائونس پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو ٿيندا. ڪابينا ميرپورخاص واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ائڪٽ، 2023 تحت ميرپورخاص واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (MW&SC) جي باقاعدي قيام جي منظوري ڏني. ڪابينا ڪارپوريشن جي بورڊ جي غير سرڪاري ميمبرن جي نامزدگي جي پڻ منظوري ڏني، جنهن ۾ واٽر سپلاءِ ۽ سيوريج مينجمينٽ، فنانس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، قانوني معاملا، انساني وسيلا ۽ سول سوسائٽي جا ماهر شامل آهن.جڏهن ته ڪابينا دملوٽي کان ڊي ايڇ اي ڪراچي تائين 36 ڪلوميٽر پاڻي جي پائپ لائين وڇائڻ جي پروجيڪٽ لاءِ نظرثاني ٿيل انجنيئرنگ، پروڪيورمينٽ اينڊ ڪنسٽرڪشن (EPC) جي 14.237 ارب رپين جي قيمت جي منظوري ڏني، جنهن تي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) پاران عمل ڪيو ويندو.ڪابينا وڌيڪ چيئرمين، بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي  ۽ چيئرمين، بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جي عهدن لاءِ ٻيهر اشتهار ڏيڻ جي منظوري ڏني. موجوده درخواست ڏيندڙ اهل رهندا ۽ کين نئين سر درخواستون جمع ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي. سنڌ ڪابينا شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما ڪراچي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي طور تي ڊاڪٽر محمد صابر جي عهدي جي مدي ۾ ڇهن مهينن جي توسيع جي منظوري ڏني.

You might also like