پرامن احتجاج تي تشدد خلاف وڪيل به سراپا احتجاج، اڄ هڙتال جو اعلان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ بار ڪائونسل پاران ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻي تي تشدد جي مذمت ڪندي اڄ سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ بار ڪائونسل پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي گم ٿيل ٻارن، خاص طور پريا ڪماري، جي بازيابي لاءِ جاري پرامن ڌرڻي تي پوليس ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اڄ 24 جولاءِ 2026ع تي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين بئريسٽر اشتياق احمد ميمڻ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرمين عبدالرزاق مهر جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ چيو آهي ته پريا ڪماري سميت سنڌ جي ڪيترن ئي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ لاڳاپيل ادارن جي مسلسل ناڪامي انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. بيان موجب ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف رات جي وقت پوليس ڪارروائي، عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي گرفتاري ۽ بنا ڪنهن قانوني جواز جي حراست ۾ وٺڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي .سنڌ بار ڪائونسل جي وطن دوست ميمبرن پڻ الڳ قرارداد جاري ڪندي ٻٻرلوء ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن تي پوليس تشدد کي رياستي طاقت جو ناجائز استعمال قرار ڏنو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل ٻارن جي وارثن تي تشدد ڪرڻ بدران حڪومت کي ٻارن جي بازيابي ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙن خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن، پوليس تشدد جي جاچ لاءِ آزاد عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، زخمين کي معاوضو ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. سنڌ بار ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته لاڳاپيل ادارن جي ناڪامي خلاف احتجاج طور 24 جولاءِ 2026ع (جمعو) تي سنڌ جي سمورين عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جي هڙتال ڪئي ويندي. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران به احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن ڊسٽرڪٽ بار جي صدر جاويد بليدي، جنرل سيڪريٽري عامر سوهو، قادربخش ڀٽي، شفقت رضا جتوئي، آفتاب چانڊيو چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن مٿان لاٺي چارج ڪري بيگناهه گرفتاريون ڪيون آهن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا .

You might also like