ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي منهوڙا ڪچي لائين ڀرسان جهنگ مان هڪ معصوم نينگري جو لاش هٿ آيو، نينگري جي سڃاڻپ دعا ڌيءَ عمر فاروق طور ٿي جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 6 کان 7 سال ٻڌائي پئي وڃي، پوليس موجب نينگري ڀٽ ٻيٽ جي رهواسڻ هئي ۽ اربع ڏينهن منجهند کان گم هئي، هن جو والد پيشي موجب مهاڻو آهي، نينگري جي گم ٿيڻ کان پوءِ وارثن ۽ علائقي واسين کيس هر هنڌ ڳوليو، جيڪسن ٿاڻي تي به اطلاع ڏنو ويو، ڪالهه نينگري جو لاش مليو، لاش کي سول ٽراما سينٽر منتقل ڪيوويو، جاچ دوران هڪ سي سي ٽي وي وڊيو پڻ هٿ آئي جنهن ۾ مبينا طور ڳاڙهي ٽوپي پاتل هڪ شخص کي نينگري جو لاش ٻوري ۾ کڻي ويندي ڏٺو ويو، ٻئي طرف سول اسپتال ۾ موجود نينگري جي وارثن ٻڌايو ته کين شروعات ۾ لڳو ته دعا ڪنهن پاڙيسري جي گهر وئي هوندي ۽ شام تائين واپس اچي ويندي، پر جڏهن هوءَ نه موٽي ته سڄي رات سندس ڳولا جاري رکي پر ڪو به پتو نه پيو ڪالهه لاش جهنگ مان مليو، وارثن چيو ته موجوده حالتن ۾ ٻار محفوظ ناهن، تنهن ڪري والدين کي گهرجي ته پنهنجن ٻارن جي حفاظت تي خاص ڌيان ڏين، جڏهن ته جيڪسن ٿاڻي جي حد ۾ 6 ورهين جي نينگري سان مبينا جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي دوران مارجي ويو، ڏکڻ زون جي ڊي آءِ جي اسد رضا موجب 6 ورهين جي نينگري جو لاش منجهن جو جيڪسن واري علائقي مان هٿ آيو هو، پوليس جڏهن جوابدار جي گرفتاري لاءِ پهتي ته هن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، ڊي آءِ جي موجب پوليس ۽ جوابدار وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري گذريل ڏينهن منجهند کان گم هئي ۽ ڪالهه سندس لاش هٿ آيو، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نينگري سان جنسي زيادتي ٿيڻ جي به تصديق ٿي آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.