سنڌ جي ڌرتي هميشه محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي، پر جڏهن ڪنهن گهر مان معصوم ٻار گم ٿئي ٿو ته سڄو سماج بيچين ٿي پوي ٿو. اڄ پريا ڪماري سميت 24 معصوم ٻارڙن جي گم ٿيڻ جو معاملو رڳو ڪجهه گهرن تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪه اهو سڄي سنڌ جي قومي ضمير جو هڪ اهم ۽ دردناڪ سوال بڻجي چڪو آهي. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان انهن معصوم ٻارڙن جا وارث انصاف جي حاصلات لاءِ دربدر آهن. پوليس، مقامي انتظاميا ۽ وفاقي ادارن جي دروازن تي دانهون ڏيڻ باوجود جڏهن ڪو مثبت نتيجو نه نڪتو، ته مجبوراً ٻٻرلو جي سرزمين تي پرامن ڌرڻي جو رستو اختيار ڪيو ويو. هي ڌرڻو ڪنهن سياسي جماعت جي نفعي نقصان لاءِ نه، پر مظلوم مائرن، بيوس وارثن ۽ انسانيت جي تحفظ لاءِ هو.
ٻٻرلو جي هن احتجاج کي حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص سميت سڄي سنڌ مان ڀرپور ساٿ مليو. عورتون پنهنجا معصوم ٻار ڪلهن تي کڻي روڊن تي نڪري آيون، شاگردن ڪتاب بند ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ سول سوسائٽي توڙي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن هڪ آواز ٿي چيو ته حڪومت پهرين پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي. پر ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت هن دردناڪ فرياد کي ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ بدران ان کي جبر سان ڪچلڻ جو رستو چونڊيو. گذريل رات دير سان ٻٻرلو ۾ قائم پرامن احتجاجي ڪئمپ تي پوليس ڇاپو هنيو ۽ پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن لياقت جلباڻي، ميڊم سهڻي پارس، ساحل جوڳي سميت ڪيترن ئي پرامن ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو.
مظاهرين جا خيما پٽيا ويا ۽ عورتن، پوڙهن توڙي نوجوانن تي لٺيون وسايون ويون. حڪومت سمجهيو ته شايد ان زور زبردستي سان مظلومن جو آواز بند ٿي ويندو، پر صبح ٿيندي ئي حيدرآباد ۾ به نئون احتجاج شروع ٿي ويو، جتي عوامي جمهوري پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ادي نظير قريشي سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. هتي بنيادي سوال اهو ٿو اٿي ته اصل ڏوهه ڪنهن ڪيو؟ 24 معصوم ٻارڙن کي ڪنهن اغوا ڪيو؟ جيڪڏهن اصل ڏوهاري ۽ اغواڪار اڃا تائين آزاد گھمي رهيا آهن ۽ پيڙهيل وارث روڊن تي رلڻ تي مجبور آهن، ته پوءِ گرفتار انهن کي ڇو ڪيو پيو وڃي جيڪي رڳو قانون ۽ انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن؟
پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 10 تحت هر شهريءَ کي جيئڻ ۽ آزاديءَ سان زندگي گذارڻ جو بنيادي حق حاصل آهي، پر جڏهن حڪومتي ادارا پاڻ ان حق جي پاسداري ڪرڻ بدران پرامن احتجاج تي لٺيون وسائين، ته اها قانون جي حڪمراني نه پر کليءَ طرح آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن ماءُ جي دل سڙي آهي، ان باهه جو دونهون ايوانن تائين پهتو آهي. اڄ به جيڪڏهن حڪومت اکيون بند رکندي ته هي عوامي آواز اڃا وڌيڪ شدت سان اڀرندو. سنڌ جو عوام هاڻي خاموش تماشائي نه رهندو.
حڪومت کي گهرجي ته فوري طور گرفتار ڪيل سمورن پرامن ساٿين ۽ سياسي توڙي سماجي اڳواڻن کي بنا دير آزاد ڪري، پرامن مظاهرين ۽ عورتن تي تشدد ڪندڙ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پريا ڪماري سميت 24 گم ٿيل ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪري سندن وارثن حوالي ڪري. جيڪڏهن سنڌ سرڪار پنهنجي معصوم ٻارن جي حفاظت نٿي ڪري سگهي ته ان جي حڪمرانيءَ جو ڪو اخلاقي يا قانوني جواز نٿو رهي. ٻارڙن جي محفوظ بازيابيءَ تائين هيءَ جدوجهد هر فورم تي جاري رهندي.