جلال پور ڪئنال جا سنڌ تي پوندڙ امڪاني اثر

اعجاز ممنائي

ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڏني ته ”مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون“ جي نعري هيٺ احتجاجي مظاهرا ڪيا وڃن. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته بلاول زرداريءَ موديءَ جي خلاف احتجاج جي ڪال ڏني آهي، جيڪو سنڌ جو پاڻي پيو روڪي. جنهن ڏينهن احتجاج ٿي رهيو هو، ان ڏينهن پنجاب سنڌو درياءُ مٿان جلال پور ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو موجب جلال پور ڪئنال سان پنجاب جي 2 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ٿيندي، جڏهن ته سنڌ جي 4 لک ايڪڙ زمين تباهه ٿيندي، جنهن خلاف 26 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. روشن علي ٻرڙو موجب، پهريان ٿل ڪئنال ڪڍيو ويو، هاڻي وري جلال پور ڪئنال ڪڍيو ويو آهي. سنڌو درياهه سنڌ جي ريڊ لائن آهي. جلال پور ڪئنال ذريعي سنڌو مان 1,300 ڪيوسڪ پاڻي کنيو ويندو ۽ سنڌ جي چار لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جلال پور ڪئنال  جي تعمير ۽ ان جي آپريشن جا سنڌ صوبي تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڪجهه اهم اثر پوندا. جهلم ندي سنڌو نديءَ  جو هڪ اهم معاون درياءُ آهي، جيڪو اڳتي هلي سنڌو نديءَ ۾ ملي ٿو. جلال پور ڪئنال رسول بئراج (جهلم ندي) مان نڪري ٿو. هن ڪئنال ذريعي جڏهن وڏي مقدار ۾ پاڻي پنجاب جي بنجر زمينن ڏانهن موڙيو ويندو، ته ان سان قدرتي طور تي جهلم نديءَ مان اڳتي ويندڙ پاڻي گهٽبو. اهو پاڻي آخرڪار سنڌو نديءَ ذريعي سنڌ تائين پهچندو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي بئراجن، خاص ڪري گڊو ۽ سکر بئراج تي پاڻيءَ جي آمد تي اثر پوندو.

ٻئي طرف جلال پور ڪئنال هڪ غير دائمي  ڪئنال آهي، جيڪو صرف خريف جي موسم (اپريل کان آڪٽوبر) ۾ هلندو آهي. سنڌ ۾ خريف جي فصلن، جهڙوڪ ساريون، ڪپهه ۽ وونئڻ جي پوکائي پنجاب جي مقابلي ۾ اڳي شروع ٿيندي آهي. اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ جڏهن سنڌ کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت هوندي آهي، انهن ئي ڏينهن ۾ هن نئين واهه ۾ پاڻي ڇڏڻ سان سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ ۾ وڌيڪ کوٽ ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو. پاڻيءَ جي ماهرن موجب، 1991ع جي پاڻي معاهدي  تحت سڀني صوبن جو حصو مقرر ٿيل آهي. سنڌ جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته جيستائين سنڌو نديءَ ۾ معاهدي موجب سڀني صوبن کي پورو پاڻي نٿو ملي، تيستائين ڪو به نئون آبپاشي چينل يا ڪئنال نه ٺاهيو وڃي. جلال پور ڪئنال جهڙن نون منصوبن سان معاهدي تحت سنڌ کي ملندڙ قانوني حصي تي دٻاءُ وڌندو.

ان سان گڏوگڏ، جڏهن مٿيان واهه نڪرڻ ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو نديءَ ۾ مٺو پاڻي گهٽجڻ يا بند ٿيڻ جي برابر ٿي ويندو، ته عربي سمنڊ جو کارو پاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي (ٺٽو، بدين، سجاول) جي زمينن کي ڳڙڪائيندو ويندو. جلال پور ڪئنال جهڙا منصوبا نديءَ جي گڏيل وهڪري کي گهٽائي سمنڊ جي اڳتي وڌڻ  واري عمل کي تيز ڪري ڊيلٽا کي تباهه ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته هي واهه صرف پنهنجي حصي جي پاڻيءَ مان هلائي رهي آهي، پر سنڌ جي زراعت ۽ معيشت جو پورو دارومدار سنڌو نديءَ جي وهڪري تي آهي. ان ڪري، مٿان ڪو به نئون واهه نڪرڻ سان اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ پاڻيءَ جو بحران وڌيڪ شديد ٿيڻ جو خطرو آهي.

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي جلال پور ڪئنال تي اعتراض آهن، سي سي آءِ ۾ اعتراضن بابت درخواست ڏئي ڇڏي آهي، هر صوبو پابند آهي ته پاڻي ٺاهه جي حساب سان پنهنجو پاڻي کڻي. ارسا جي طريقيڪار تي اسان ڪيترائي ڀيرا اعتراض اٿاريو آهي. هن ڀيري سنڌ حڪومت ٽاسڪ فورس جوڙي رهي آهي، جيڪا سنڌ طاس معاهدي ۽ موسمياتي تبديليءَ جي نقصانن جو جائزو وٺندي، پهريان به سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين. وڏو وزير خوب ڄاڻي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي کان سڪي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف پنجاب پنهنجا سڀ درياهه ۽ ڪئنال کولي ڇڏيا آهن، نااهلي ۽ بدنيتيءَ سان ڊيمن کي ڀري رهيا آهن. سنڌ حڪومت پنجاب ۽ وفاق جي ناانصافيءَ تي احتجاج ڪرڻ بجاءِ موديءَ خلاف ”مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون“ جا نعرا هڻي سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بنائي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪري رهي آهي. سنڌي ماڻهو هنن جي اهڙي رويي جي ڪري بري طريقي سان معاشي طرح مفلوج ٿي رهيا آهن.

هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ ڪا به شيءِ لڪي نٿي سگهي، ته پوءِ اربين روپين سان ٺهيل جلال پور ڪئنال بنا منظوريءَ جي ڪيئن ٺهي ويو؟ اسان جي حڪمرانن کي خبر ئي ناهي! ڇو ته چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال تعمير ٿيڻ وقت چيو ويو ته اهي فلڊ ڪئنالز هوندا، يعني صرف ٻوڏ وقت هلايا ويندا. ته پوءِ گذريل هڪ سال کان ڪهڙي ٻوڏ پئي هلي جو اهي ڪئنال لڳ ڀڳ 18-20 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيا آهن؟ بلڪه ڪيترن ئي سالن کان ٻين صوبن جو پاڻي کڻي رهيا آهن. خبر ناهي انهن ماڻهن کي جلال پور ڪئنال ۾ مسئلو ڇو نظر نه پيو اچي! رسول بخش پليجو چوندو رهيو هو ته پنجاب 150 سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي ۽ هميشه وعده خلافي ڪندو رهيو آهي. پنجاب کي جلال پور ڪئنال لاءِ پاڻي جهلم مان کڻڻو هو پر هن سنڌ جي حصي مان پاڻي کڻي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو آهي. پنجاب چوي ٿو ته هي ڪئنال دائمي ناهي، اهو هڪ دوکو آهي. سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ايڪشن ۾ اچڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي قوم سراپا احتجاج هوندي.

You might also like