ميرپورخاص (غفار رند) ميرپورخاص ڀرپاسي واري علائقي کاهي ۾ فتح علي موڙ وٽ ڦر جي واردات دوران قتل ٿيل هاري ڀيرو ڪولهي جو ڪيس کاهي پوليس پاران داخل نه ڪرڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ سوين ماڻهن پاران گذريل 30 ڪلاڪن کان فتح علي موڙ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويو آهي. ڌرڻي سبب کِپرو، کاهي، عمرڪوٽ ۽ غلام نبي شاهه ڏانهن ويندڙ مين روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جنهن ڪري مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڌرڻي ۾ پري پري کان آيل سماجي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪري سوشل ميڊيا تي وڊيوز ذريعي مقتول جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ان موقعي تي حد جي چونڊيل نمائندن ۽ پوليس پاران واقعي کانپوءِ اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڦر دوران ماڻهو قتل ٿيڻ جهڙو سنگين واقعو پيش اچڻ باوجود لڳ ڀڳ 35 ڪلاڪ گذري وڃڻ کانپوءِ به کاهي ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڀيرو ڪولهي جي قتل جو ڪيس فوري طور داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. ذريعن موجب ايس ايس پي سانگهڙ واقعي واري هنڌ پهچڻ بدران کپرو پهتو، جتي مبينا طور معاملي تي ڳالهين ذريعي ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون،هوڏانهن ڀيرو ڀيل واقعي تي ڌرڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سردار ذوالفقار علي شر کاهي ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان ڀيرو ڪولهي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جاري ڌرڻي ۾ پهچي مقتول جي وارثن، ڪولهي برادري ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سان ملاقات ڪري مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سردار ذوالفقار علي شر خطاب ڪندي چيو ته اقليتي برادري سان ٿيندڙ ظلم، ناانصافي ۽ بيگناهه ماڻهن جي قتل جهڙا افسوسناڪ واقعا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته ڪولهي برادري جا ماڻهو سندس پنهنجا ماڻهو آهن، سندن ڏک ۽ درد سندس پنهنجا آهن ۽ هو هر ڏکي گهڙيءَ ۾ سندن ساٿ ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته تازو تعلقي سنڌڙي جي ڪولهي برادري کيس پڳ ٻڌي جنهن محبت، اعتماد ۽ عزت سان نوازيو، اهو سندس لاءِ فخر جو باعث آهي. هو اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان هتي پهتو آهي ته جيئن اهو پيغام ڏئي سگهجي ته پارٽي هميشه مظلوم ۽ انصاف جا طلبگار عوام سان گڏ بيٺل آهي. سردار ذوالفقار علي شر مطالبو ڪيو ته ڀيرو ڪولهي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. هن يقين ڏياريو ته انصاف جي فراهمي لاءِ هو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو ۽ انشاءَالله متاثر خاندان کي ضرور انصاف ملندو، ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مظلوم، محروم ۽ ڪمزور طبقن جي آواز رهي آهي.