اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 6.39 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 327.12 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 7.83 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي نئين قيمت 375.4 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوان اگهه 23 جولاءِ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا پيٽروليم شين جي روزاني قيمتن جي تعين لاءِ هڪ نئين نظام جي منظوري ڏني هئي، جنهن تحت اوگرا هاڻي روزانو پيٽرول ۽ ڊيزل جي ايڪس ڊپو قيمتون جاري ڪندو. پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون گذريل ستن ڪاروباري ڏينهن جي سراسري عالمي قيمت جي مطابق هونديون. پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ جي بنياد تي طئي ڪيون وينديون. قيمتن جي اعلان لاءِ وزيراعظم يا وفاقي حڪومت کان اڳواٽ منظوري جي ضرورت نه هوندي، جڏهن ته اوگرا وزيراعظم يا حڪومت جي منظوري کانسواءِ قيمتن جو اعلان ڪندو. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي عالمي منڊي ۾ وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي مسلسل ٽئين ڏينهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي ياد رهي ته حڪومت ٻن ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 11.32 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 ڏينهن ۾ 20.69 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.حڪومت جو موقف آهي ته آمريڪا-ايران جنگ جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ به پيٽرول مهانگو ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته ڪالهه 21 جولاءِ تي حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4.93 رپيا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ 7.15 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 320.73 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 367.21 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي. 20 جولاءِ تي وفاقي حڪومت عوام کي معمولي رليف ڏيندي پيٽرول جي قيمت ۾ 35 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي. ان گهٽتائي کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 315.80 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 5.71 رپيا في ليٽر واڌ کان پوءِ 360.6 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي. 17 جولاءِ تي حڪومت ايندڙ 3 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي. پيٽرول جي قيمت ۾ 5.44 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 316.15 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي. اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 31.5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 354.35 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي. ان کان اڳ 10 جولاءِ تي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪندي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو هو، جنهن مطابق پيٽرول 13.18 رپيا ۽ ڊيزل 13.80 رپيا في ليٽر مهانگو ٿيو. هن واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 310.71 پئسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 323.30 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي.