واشنگٽن/منيلا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو خبردار ڪيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي ”اک جي بدلي سر“ واري آهي ۽ ايران کي هر گذرندڙ رات سان وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
منيلا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا ايران سان ٿيل معاهدي جي پاسداري ڪئي، پر ايران هن وقت نئين معاهدي لاءِ تيار ناهي، امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجو موقف تبديل ڪري.
هن چيو ته جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي ته ايران کي ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته جڏهن به آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪو معاهدو ٿيڻ جي ويجهو پهچندو آهي ته ايران جي قيادت ان کي خراب ڪري ڇڏيندي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ايران هاڻ به سڌي ۽ اڻ سڌي ريت آمريڪا سان ڊيل لاءِ رابطا ڪري رهيو آهي.
مارڪو روبيو چيو ته ايران جيڪڏهن چاهي ته وچ اوڀر جو امير ترين ملڪ بڻجي سگهي ٿو، پر اتان جي مذهبي قيادت معاشي معاملن بدران حزب الله، حماس، حوثين ۽ ٻين هٿياربند گروهن جي حمايت تي ڌيان ڏئي ٿي.
هن حوثين بابت چيو ته ايران انهن کي به هن تڪرار ۾ شامل ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته هو پنهنجا حملا بند ڪندا.
آمريڪي پرڏيهي وزير سعودي عرب کي آمريڪا جو اهم اسٽريٽجڪ ساٿي قرار ڏيندي چيو ته سعودي عرب سان سول جوهري معاهدو سمجهه ۾ ايندڙ قدم آهي، پر اهڙن سڀني معاهدن ۾ سخت حفاظتي شرطون شامل هونديون ۽ انهن جي منظوري آمريڪي ڪانگريس ڏيندي.
روبيو عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي ) به سخت تنقيد ڪندي چيو ته آمريڪا ان جو حصو نه بڻجندو ۽ نه ئي اها عدالت آمريڪي شهرين تي پنهنجا اختيار لاڳو ڪري سگهندي.
هن يوڪرين-روس جنگ بابت چيو ته ان جنگ ۾ تمام گهڻي رتوڇاڻ ٿي آهي ۽ آمريڪا جنگ جي خاتمي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته چين سان لاڳاپن بابت سندس چوڻ هو ته آمريڪا چين سان سٺا لاڳاپا قائم رکڻ چاهي ٿو.
ٽرمپ جي پاليسي ”اک جي بدلي سر“ آهي، هر گذرندڙ رات سان ايران کي وڏي قيمت چُڪائڻي پوندي: مارڪو روبيو
You might also like