سکر(رپورٽ: فرمان سھتو+ سيد نعيم شاھ) پريا ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ۽ گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن پاران 27 ڏينهن کان جاري احتجاج باوجود مطالبا تسليم نه ٿيڻ خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر لياقت جلباڻي,سھڻي پارس سيد جعفر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي قومي شاھراھ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪيو ويو .ڌرڻي ۾ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ سميت ڪيترائي قافلا ڌرڻي واري ھنڌ پھتا.ڌرڻي کي خطاب ڪندي سھڻي پارس چيو ته پوليس مھلت وٺي غائب ٿي وئي آهي ھاڻي ڌرڻو لڳي ويو ۽ پريا پاڻ اچي ڌرڻو ختم ڪرائيندي.ھن چيو ته 27 ڏينهن کان قائم ڪري ويٺا آھيون پر حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري.وڪيل اڳواڻ سيد جعفر شاهه چيو ته پوليس اچي مظاھرين مٿان لٺيون وسائي گوليون ھڻي پر ھاڻي ھي ڌرڻي تان نه اٿندا لٺيون کائڻ لاءِ تيار آهن. ايس ايس پي سکر اظھر مغل ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود .مگسي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڌرڻي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا آهن
ڪراچي/حيدرآباد/سکر (رپورٽر+نمائندا) پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازياب نه ٿيڻ خلاف ڪراچي، حيدرآباد، ميهڙ ۽ ٻين هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن.پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ۾ واڌو واهه، ڪراچي ۾ ٽي تلوار ۽ ميهڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي به احتجاجي ڌرڻا جاري آهن پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻٻرلوءِ ۾ جاري ڌرڻي سان يڪجهتي ۽ معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ قاسم آباد بائي پاس واڌو واھ تي ڌرڻو هڻي قومي شاهراھ بند ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن وڪيل اڳوان اسرار چانگ جسقم بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي، نذير قريشي، حاڪم زادي ٿيٻو ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج دوران اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪندي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان ڪراچي کان پنجاب ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي جام ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون . جڏهن ته ڌرڻي جي اطلاع تي پوليس نفري پڻ پهتي هئي. ان موقعي تي پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ جاري احتجاج جي حمايت ۾ هي ڌرڻو هنيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ مان معصوم نياڻين کي گم ڪيو وڃي ٿو پر حڪومت انهن نياڻين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته پريا ڪماري کي اغوا ڪري ڪيترن ئي سالن کان گم ڪيو ويو آهي. جن جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي پر پريا بابت اڃا تائين پوليس پتو ئي ناهي لڳائي سگهي ته اها ڪٿي ۽ ڪنهن حال ۾ آهي. جڏهن ته سندس وارث نياڻي جي بازيابي لاءِ راهون نهاري رهيا آهن.. ڪراچي ۾ ٽي تلوار ۽ ميهڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي به احتجاجي ڌرڻا جاري آهن ٻئي پاسي ڪشمور جي ڊيرا موڙ ۽ اُٻاوڙو جي ڪمون شهيد واري هنڌ تي به ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي.