ايران خلاف وڏي ڪارروائي جو امڪان، آمريڪا وچ اوڀر ۾ خاص فوجي دستن جي مقرري شروع ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي جي تيارين جي سلسلي ۾ وچ اوڀر ۾ خاص فوجي دستا، طبي عملو ۽ هٿيار مقرر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران خلاف امڪاني ڪارروائي لاءِ وڌيڪ مضبوط فوجي آپشنز مهيا ڪرڻ خاطر واڌو فوجي علائقي ڏانهن موڪليا پيا وڃن.
رپورٽ موجب، گذريل هڪ هفتي دوران آمريڪي اسپيشل آپريشنز فورسز پنهنجي ملڪي اڏن تان وچ اوڀر پهچي چڪيون آهن، جنهن جي تصديق فلائيٽ ٽريڪنگ ڊيٽا ۽ آمريڪي عملدارن پڻ ڪئي آهي.
ذريعن موجب، آمريڪي ويڙهاڪ جهازن جا اسڪواڊرن به وچ اوڀر جي مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيا جي فوجي اڏن تي موجود بمبار جهازن کي به هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هوته ” ايران کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي فوجي حملا جاري رهندا.“

You might also like